عمران خان وٽ ڪي به ڪارڊ نه رهيا،اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ برقرار

اسلام آباد (منيب فاروق) حڪومت پي ٽي آءِ سان ڳالھين جي تياري ڪري رھي آھي پر اھو طئي آھي تھ پي ٽي آءِ سان اسٽيبلشمينٽ ڪا بھ ڳالھ ٻولهھ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، محسن نقوي ڪنھن حد تائين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو رھي ٿو. حڪومت بھ چاھي ٿي تھ ڳالھيون ڪري تھ جيئن سول نافرماني تحريڪ سميت ٻين معاملن کي اڀرڻ نھ ڏنو وڃي  سو ھن وقت عمران خان وٽ ڪي بھ پتا ناھن جنھن بنياد تي ڳالھيون ڪر ي سگھي. پر ٻئي پاسي عليمھ خان جو چوڻ آھي تھ اسان 13 يا 14 ڊسمبر تائين انتظار ڪنداسين ۽ پوءِ پرڏيھي پاڪستانين کي چونداسين تھ ريميٽنس پاڪستان نھ موڪلين. پر اھا ڪوشش بھ ڪامياب نھ ٿيندي بلڪه حڪومت کي پي ٽي آءِ خلاف مواد ملي ويندو تھ اھي ملڪ دشمني وارين سرگرمين ۾ ملوث آھن.. ھن وقت پي ٽي آءِ لاءِ بھتر ائين آھي تھ اھا پنھنجي واري جوانتظار ڪري ۽ جيئن ن ليگ وارن بھتر وقت جو انتظار ڪيو ھيو ھي بھ ان پاليسي کي اپنائين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.