اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف چيو آهي ته حڪومت پاران فوج کي سياست ۾ آڻڻ جي ڪوشش شرمناڪ ۽ قابل مذمت آهي، فيض حميد جي نالي تي عمران خان کي عتاب هيٺ آڻڻ جي ڪوشش قبول نه ٿا ڪري سگهون.جنرل فيض حميد جي معاملي تي عطا تارڙ ۽ فيصل واوڊا جي بيان تي ردعمل ڏيندي پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته گذريل اڍائي سالن دوران هر رياستي بدامني لاءِ غلط بيانن جو سهارو ورتو ويو ۽ ڪوڙ ڳالهايو ويو، تحريڪ انصاف بيشمار ڪوششن باوجود فوج کي سياست کان پري رکيو ۽ ان کي پنهنجي سياست جو ٻارڻ بڻائڻ کان پاسو ڪيو، عمران خان ضمير جو قيدي آهي، فيض حميد پاڪ فوج جو اندروني معاملو آهي، ان ڪري فوجي قيادت حڪومتي جي بي لغام ترجمانن جي بيانن جو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري.