اسلام آباد(م ڊ پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين طاهر اشرفي چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن تعليم واري وزارت کان صنعت واري وزارت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش کي رد ڪريان ٿو.ملڪ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت وڊيو بيان ۾ علامه طاهر اشرفي چيو ته سڄي ملڪ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن واري معاملي تي بحث جاري آهي، 15 مان 10 کان وڌيڪ بورڊ تعليم واري وزارت سان رجسٽريشن جي حق ۾ آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ 18 هزار کان وڌيڪ مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ آهن.صنعتن واري وزارت هيٺ مدرسن جي رجسٽريشن ملڪي قانون ۽ وحدت جي خلاف آهي، هن چيو ته فضل الرحمال الڳ قانون سازي چاهي ٿو ته اهو ڄاڻي حڪومت ڄاڻي،اسان تلخيون نٿا چاهيون