مدرسن ۽ عالمن کي بليڪ ميل ڪرڻ برداشت نه ڪنداسين:ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي/ڪنڌڪوٽ (پ ر+ڊ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن واري بل جي منظوري ۾ دير حڪومت جي بدنيتي کي ظاهر ڪري ٿي، مدرسن ۽ عالمن کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ناقابل برداشت آهي،جيڪڏهن حڪومت مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ چاهي ٿي ته ان کي فوري طور تي بل پاس ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنڌڪوٽ جي مدرسه جامعه الانصار ۾ ختم قرآن ۽ انعامن جي تقسيم واري تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، عبدالرحمان مڱريو، پروفيسر حبيب الله پٺاڻ، مولانا رفيع الدين، حافظ عمر فاروق چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته  ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي بدترين صورتحال، ڌاڙيل راڄ ۽ ڀُنگ لاءِ اغوا جو ڪاروبار عروج تي آهي جڏهن ته قبيلائي جهيڙن جي ڪري هزارين جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، لاڳيتو چوٿون ڀيرو اقتدار ۾ ايندڙ پارٽي عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران سنڌ کي اونڌاهين جي غار ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، سنڌوءَ مٿان نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، وفاق پنهنجي هوڏ کي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.