جيڪب آباد (ن ع آ ) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته مدرسن کي انتهاپسندي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي،حڪومت اعلان جنگ ڪري ڇڏيو آهي. اسان ديني مدرسن جي آزادي ٿا چاهيون، جيڪڏهن ڪو مدرسو سوسائٽي ايڪٽ يا تعليم کاتي ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ چاهي ٿو ته اها سندن مرضي آهي، پر اسان مدرسن جو تحفظ ٿا چاهيون. علامه سومرو چيو ته 26 آئيني ترميم جي بحث کانپوءِ سوسائٽي ايڪٽ تحت مدرسن جي رجسٽريشن جو بل 20 آڪٽوبر تي سينيٽ ۽ 21 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي مان منظور ٿيڻ باوجود صدر پاڪستان ان تي صحيح ڇو نه ڪئي جڏهن ته سمورين سياسي پارٽين ۽ ڳجهن ادارن پڻ ان تي اتفاق ڪيو هو.ھن وڌيڪ چيو ته نوجوانن جي دلين ۽ ذهنن ۾ اهڙو دين وڌو پيو وڃي جيڪو مغرب لاءِ قابل قبول هجي. هن چيو ته جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ڪو شرط رکيو آهي ته ان کي عوام آڏو آندو وڃي.