اسلام آباد ( بيورو) ھيومن رائيٽس ڪائونسل آف پاکستان طرفان شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي بهادري تي هيومن رائيٽس ايوارڊ سان نوازيو ويو، ايوارڊ نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ محمد بخش گڏاڻي وصول ڪيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ ميرپورماٿيلو جي شهيد رپورٽر نصرالله گڏاڻي کي بهادري سان علائقائي مسئلن، ظلم ۽ جبر توڙي ڀوتارڪي نظام کي قلم ذريعي للڪارڻ ۽ ظلم خلاف بهادري سان آواز اٿارڻ تي هيومن رائيٽس ڪائونسل پاڪستان پاران شهيد نصرالله کي مڃتا پڻ پيش ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان نصرالله گڏاڻي کي سلام پيش ڪيون ٿا ته جنهن سنڌ جي مسڪين ماروئڙن جو آواز ڀرپور نموني اٿاريو.