حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته لوڪل گورنمينٽ کاتي کي اي ٽي ايم مشين ٺاهي ڇڏيو آھي. بلدياتي نمائندا ۽ بلدياتي آفيسر ماھوار ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن. اربين رپين جي بجيٽ بنيادي سھولتن تي خرچ ٿيڻ بدران ڪرپشن ذريعي لٽي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته شھري يوسيز جي ماھوار 12 لک ۽ ٻھراڙي جي يوسيز کي ماھوار 10 لک رپيا ملن ٿا، اھا رقم ڪوڙن انگن اکرن ذريعي ھڙپ ڪئي وڃي ٿي. ميٽروپوليٽن، ضلعي ڪائونسلن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين کي ماھوار ڪروڙين روپين جي بجيٽ ملي ٿي پر اھا مٿي تائين حصا پتي ٿي وڃي ٿي جنھن ڪري ڪراچي کان وٺي سنڌ جا شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنيل آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻھو بنيادي انساني سھولتن کان محروم آھن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي. ڊرينيج سسٽم ناھي. رستا ناھن. شھرن توڙي ٻهراڙين ۾ اھڙا علائقا آھن جن کي بجلي، گئس، تعليم ۽ صحت جي سھولت ناھي.