ميرپوربٺورو ۾ شادي تقريب دوران فائرنگ،گهوٽ جي امڙ مارجي وئي

ميرپوربٺورو ( ن ع آ ) ميرپوربٺورو رات دير سان پوليس اسٽيشن ڀرسان ايريگيشن ڪالوني ۾ خاصخيلي برادري جي هڪ  شادي تقريب دوران ٿيندڙ هوائي فائرنگ سبب گهوٽ لياقت خاصخيلي جي امڙ ثريا گولي لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جنهن ڪري  شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون هر طرف روڄ راڙو مچي ويو، فوتي عورت جي لاش کي وارثن پاران پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو آندو ويو، پوليس ٻڌايو ته مقتولا عورت جي وارثن پاران اڃا تائين ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ڪرايو ويو ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي تعلقا اسپتال ميرپوربٺورو جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته عورت جي لاش جو معائنو ڪري پوسٽ مارٽم جون گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.