سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ تهذيب جو قتل قرار، ماڻهو کنڀي مارڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي\ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) انساني حقن جي اڳواڻن، دانشورن ليکڪن مزدور ليڊرن، عورتن ۽ نوجوانن جي نمائندن سنڌو درياهه مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن پاليسي ختم ڪرڻ، سنڌ جي زراعت کي  تباهه ڪري وارا قدم کڻي هارين کي فاقا ڪشي کان بچائڻ، فصلن جا اگهه ڪيرائڻ، مهانگائي وڌائڻ جي عوام دشمن پاليسي جي چال ختم ڪرڻ، ملڪ جي آئين ۾ غير ضروري ترميمن بدران ان کي عالمي انساني حقن جي روشنيءَ ۾ نئين سر جوڙڻ، رياستي ادارن طرفان سنڌ بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان شهرين ۽ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي ۽ انهن جي قتل واري عمل کي ختم ڪرڻ، سنڌ پوليس طرفان مسلسل عدالت کان مٿانهان قتل ۾ ملوث پوليس آفيسرن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ، انڊس ڊيلٽا جي تباهي خلاف هنگامي قدم کڻڻ، پنجاب جي جر جي پاڻي مٿان سنڌ جو حق تسليم ڪرڻ سرڪاري نصاب کي تبديل ڪري ان مان غير مسلم شهرين خلاف نفرت وارا سبق ختم ڪرڻ ۽ هندو نياڻين جي اغوائن زبردستي مذهب تبديل ڪرڻ خلاف سرڪار طرفان اطمينان جوڳا قدم کڻڻ، ميڊيا مٿان پابندين ۽ صحافين جي بي روزگاري ختم ڪرڻ، سنڌ بلوچستان سميت سموري ملڪ ۾ جرڳن تي پابندي وجهي عورتن تي تشدد، غيرت جي نالي تي قتل، اغوائن ۽ وڪري خلاف سخت قدم کڻڻ، سموري ملڪ ۾ ننڍي عمر جي شادين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح تي عمر 18 سال مقرر ڪرڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي، غير مسلمن جي عبادت گاهن ۽ جان جي تحفظ جي حفاظت ڪئي وڃي، نوجوانن کي  تعليم ۽ روزگار جي ضمانت ڏين جا مطالبا ڪيا آهن. اها ڳالهه هيومن رائٽس ڪميشن آف طرفان ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ 10 ڊسمبر انساني حقن جي ملهايل عالمي ڏينهن تي ڪئي وئي. ان موقعي تي پاڪستان جي سربراهه اسداقبال بٽ چيو ته پاڪستان ۾ شهرين جا آئيني، شهري ۽ قانوني حق ضبط ڪري ملڪ کي نجي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، غير مسلمن جون عبادت گاهون ۽ جانيون خطري ۾ آهن، انهن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ آئيني قدم کنيا وڃن، انٽرنيٽ جي بندش کان وٺي رياست طرفان عام شهرين ۽ نوجوانن جي گمشدگي جي عملن پاڪستان کي انساني حقن جي پائمالي ڪندڙ ملڪن ۾ نمايان انگ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. ليکڪ ۽ انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن پروفيسر توصيف احمد چيو ته جمهوري شهري حقن لاءِ  ميڊيا جي آزاديءَ بنيادي حيثيت آهي پر پاڪستان ۾ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪري ان جي معاشي چيلهه ڀڳي وئي آهي، ميڊيا مٿان سخت پابنديون عالمي ۽ ملڪي حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر هتي هاڻي رياست جا ادارا پنهنجي مرضيءَ سان اخبارن جون سرخيون لڳرائن ٿا ۽ ٽي وي نيوز چينلن کي پنهنجي هدايتن جي ماتحت رکي ڇڏيو آهي. اهڙا عمل عالمي انساني حقن جي چارٽر ۽ پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. نامور دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته سنڌو درياه مٿان پنجاب جي حڪمرانن طرفان لڳندڙ ڌاڙا عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي سان سنڌ جي ماڻهن، ماحوليات، جيت جڙين ۽ انڊس ڊيلٽا جو قتل ڪرڻ برابر آهي، پنجاب پنجابي حڪمرانن ورلڊ بينڪ جي پئسن تي سنڌ خلاف منصوبا جوڙيا آهن، سنڌ مان نڪرندڙ 6 ڪينالن مان چئن تي تيزيءَ سان ڪم هلي رهيو آهي، پرويز مشرف گريٽر ٿل ڪئنال جو منصوبو فوجين جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو هو، جيڪڏهن سنڌ جي درياه مان غير قانوني ۽ غير آئيني طور ڪئنال ڪڍيا ويا ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ۾ ٺٽو ۽ بدين شهر مٽجي ويندا.۽ حڪمران طبقو پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تڪرار پيدا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن درياهه ۾ پاڻي نه ايندو يا گهٽ ايندو ته ان جو اثر بلوچستان تي به لازمي طور پوندو، سنڌ جو عوام مطالبو ڪري ٿو ته درياهه جو قتل بند ڪري پنجاب طرفان ڀارت کي وڪرو ڪيل درياهن جو حساب ڪتاب ڏنو وڃي.  وائيس آف مسنگ پرسن سنڌ جي اڳواڻ سورٺ لوهار چيو ته رياست اسان جا ڪيترا به نوجوان گم ڪري انهن جا چچريل لاش موڪلي يا نصرالله گڏاڻي ۽ منهنجي والد ھدايت لوهار جي قتل واري پاليسي جاري رکي اسان سنڌ جي حقن تان دستبردار نه ٿينداسين، بلوچ عورت اڳواڻ سمي دين بلوچ چيو ته بلوچن حقن واري تحريڪ جي جواب ۾ سموري بلوچستان کي باهه جي حوالي ڪيو ويو آهي، بلوچ نوجوانن کي ڳولهي ڳولهي گم ڪري قتل ڪيو پيو وڃي هاڻي رياست جي ظلمن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان وانگر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ به احتجاج ٿي رهيو آهي. پشپا ڪماري چيو ته ملڪ جو غير مسلم شهرين لاءِ نفرت تي ٻڌل سرڪاري نصاب تبديل ڪيو وڃي ۽ ملڪي صوبائي سطح تي غير مسلم شهرين جي شهري ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي وڃي. رواداري تحريڪ سنڌ ۽ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته سنڌ پوليس شهيد شاهنواز ڪنڀر کان وٺي سکر جي زنگيجي نوجوان جي عدالت کان مٿاهين قتل ۾ ملوث آهي، پر سنڌ حڪومت انهن خلاف ڪوبه قدم نه ٿي کڻي. سنڌ ۾ انتها پسندي وڌائڻ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي. روماسا چانڊيو چيو ته ملڪ جو نوجوان بي روزگاري ۽ شهري انساني حق نه ملڻ ۽عدم تحفظ جي صورتحال ڪري ملڪ ڇڏي وڃي رهيو آهي، ان موقعي تي مزدور اڳواڻ قمر الحسن، قاضي خضر حیات، مہناز رحمان، سعديه بلوچ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي آئين ۾ ترميمون ڪرڻ بدران ان عالمي انساني حقن جي روشني ۾ نئين سر جوڙيو وڃي، سنڌ جي ڊيلٽا جو قتل بند ڪري سنڌ کي 1991 جي ٺاهه موجب پاڻي ڏئي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ واري سازش ختم ڪئي وڃي.ملڪ سميت سموري سنڌ ۾ جاگيردار.۽ سردار عورتن جي قتل، اغوائن، ڪارو ڪاري ۽ سڱ چٽين جي عورت ۽ انساني حقن جي دشمن فيصلن ۾ ملوث آهن هنن چيو ته پاڻي زندگيءَ آهي ۽ سنڌو درياهه سنڌ جي قديم تهذيب ۽ زندگيءَ جي ضمانت آهي، ان مان وڌيڪ ڇهه ڪئنال ڪڍي سنڌ جو قتل نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.