انساني حقن جو کاتو انصاف، برابري ۽ وقار جو محافظ آهي: راجوير سنگھه

ڪراچي ( رپورٽر)  انساني حقن جي عالمي ڏهاڙ ي جي موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار براءِ انساني حقن راجوير سنگھه سوڍو پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي ته مان معاون خصوصي طور تي انساني حقن جي کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهيان هن چيو ته انساني حقن جو کاتو انصاف، برابري ۽ وقار جو محافظ آهي، جيڪو ان ڳالهه جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هر شهري بنا ڪنهن خوف، امتياز يا محرومي  جي زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته اسان سڀ گڏجي چيلينجز کي منهن ڏينداسين ۽ ان ۾ رنڊڪن کي دور ڪنداسين . چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي قيادت ۽ رهنمائي ۾ هڪ اهڙو معاشرو تشڪيل ڏينداسين جتي سڀني جا حق محفوظ هجن. هوڏانهن سنڌ  جي سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير مير طارق علي ٽالپور انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مساوات، انصاف ۽ هر فرد جي وقار جي تحفظ جي عزم ڪيو آهي. هن چيو ته بنيادي انساني حقن جو فروغ ۽ تحفظ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.