اٺ آءِ پي پيز سان بجلي اگهن تي نظرثاني، 238 ارب رپيا بچت جي اميد

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) وفاقي ڪابينا وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ وڌيڪ 8 آءِ پي پيز جي ٽيرف ريويو جي  منظوري ڏني وئي. ذريعن موجب ڪابينا جي ڊي ڊبليو، چنيوٽ پاور، حمزا شوگر، المعيز پاور پلانٽ سان ٽيرف جي نئين سر جائزي جي منظوري ڏني، جڏهن ته ٿل انڊسٽريز ۽ چنار انرجي سان به ٽيرف ريويو جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته ان فيصلي سان قومي ناڻي کي 238 ارب رپين جي بچت ٿيندي.  ذريعن موجب ڪابينا ڪمند جي ڦوڳ تي هلندڙ پاور پلانٽس سان بجلي جي اگهن ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ درآمدي ڪوئلي جي قيمتن جي بنياد تي انهن پاور پلانٽس مان بجلي خريد ڪرڻ جي پاليسي منظور ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.