پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور واضح ڪيو آهي ته انتظامي معاملن کي بهتر ۽ موثر انداز ۾ هلائڻ لاءِ صوبا ۽ انتظامي يونٽ ننڍا هجڻ گهرجن. ينگ پارليامينٽرينز فورم جي نمائندي وفد خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي علي امين گنڊاپور وڏن صوبن ۽ ٻين انتظامي يونٽن کي مسئلو قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته ننڍن صوبن ۽ انتظامي يونٽن سان گراس روٽ ليول تي سروس ڊليوري ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ 90 سيڪڙو انتظامي مسئلا مقامي سطح تي حل ٿي ويندا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صوبن خاص ڪري ضم ٿيل ضلعن جي عوام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ وفاق کان حصو گهٽ ملي رهيو آهي.