عمران خان کي اڊيالا مان ڪي پي منتقل ڪرڻ جي درخواست رد، 20 هزار ڏنڊ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اڊيالا جيل مان خيبرپختونخواهه منتقل ڪرڻ جي درخواست 20 هزار ڏنڊ سميت رد  ڪري ڇڏي، شهري قيوم خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران آئيني بئنچ ڪئي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ کي ڪو مسئلو آهي ته هو پاڻ درخواست جمع ڪرائيندو، سندس ٽي وڪيل اڄ به عدالت ۾ موجود هئا اهڙي ڪا به درخواست نه ڪئي آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته قيدي جو خاندان يا هو پاڻ اهڙي درخواست ڏئي سگهي ٿو، درخواستگذار قيوم خان چيو ته هي قومي مسئلو آهي ڪنهن جي ذات جو ناهي. جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته توهان اسيمبلي ميمبر بڻجي قومي مسئلن تي سوچجو.

  1. چيف جسٽس گوادر جيل پهتو، قيدين کي سهولتون ڏيڻ جي هدايت

گوادر(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ملڪ جي ڏورانهن ضلعن جو دورو جاري رکندي گوادر سب جيل جو دورو ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ ٻيا جج به ساڻس گڏ هئا. بيان موجب چيف جسٽس انڊر ٽرائل قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. هن قيدين جي ڀلائي ۽ انفراسٽرڪچر جي بهتري تي زور ڏنو. ان کان علاوه چيف جسٽس بلوچستان جي هر ڊويزن ۾ جيل قائم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو. اختيارين چيف جسٽس کي مڪران ۽ زوب ۾ جيل ٺاهڻ جي خاطري ڪرائي. هي دورو قيدين جي حالت بهتر بڻائڻ ۽ جيل جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.