اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان موبائل انٽرنيٽ اسپيڊ جي لحاظ کان 111 ملڪن مان 100 هين ۽ براڊ بينڊ اسپيڊ جي لحاظ کان 158 ملڪن مان 141 نمبر تي اچي ويو آهي. انٽرنيٽ جي سست رفتار پاڪستان ۾ ڊجيٽل ترقي جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ سمجهي وڃي ٿي.پاڪستان موبائل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ اسپيڊ ٻنهي جي لحاظ کان عالمي سطح کان 12 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي، موبائيل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي رفتار تي نظر رکڻ واري عالمي اداري اوڪلا اسپيڊ ٽيسٽ گلوبل انڊيڪس پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان موبائل ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي رفتار جي لحاظ کان عالمي سطح تي 12 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. ملڪ ۾ انٽرنيٽ جا مسئلا ڊجيٽل سرگرمين ۾ وڏي رڪاوٽ آهن. پاڪستان ۾ عام صارفين گذريل ڪيترن ئي مهينن کان انتهائي سست انٽرنيٽ ڪنيڪشن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ واٽس اپ تي ميڊيا مواد ڊائون لوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ۽ بار بار ڪنيڪشن جا مسئلا شامل آهن.انهن رڪاوٽن ڪيترن ئي خدشات کي جنم ڏنو آهي، خاص طور تي هڪ وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ انٽرنيٽ جي رسائي ۾ رڪاوٽون آهن ۽ ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ تائين محدود رسائي جي رپورٽون آهن.گهرو وزارت وي پي اينز جي غير منظم استعمال تي پابندي جو مطالبو ڪيو آهي. وزارت جو خيال آهي ته دهشتگرد پرتشدد سرگرمين ۽ آن لائين مالياتي ٽرانزيڪشن لاءِ وي پي اينز استعمال ڪندا آهن.