شام ۾ اسرائيل جا 310 حملا، ڦاٿل پاڪستاني امداد جا منتظر

دمشق (م ڊ) شام ۾ بشار الاسد جو تختو اونڌو ڪرڻ واري حيات التحرير جي سربراهه ابو محمد الجولاني گذريل حڪومتن ۾  تشدد جي نگراني ڪندڙ آفيسرن جي لسٽ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ملوث آفيسرن جي ڄاڻ فراهم ڪندڙ ماڻهن لاءِ انعامن جو پڻ اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ هزارين قيدين کي آزاد ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، ٻي پاسي انڪشاف ٿيو آهي ته بشار الاسد حڪومت جي زوال کان هڪ سال اڳ ئي سعودي عرب سان ڊيل ۽ ايراني مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، بشار الاسد حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اسرائيل شام ۾ لڳ ڀڳ 310 هوائي حملا ڪيا آهن،  ٻي پاسي اسرائيل تصديق ڪئي آهي ته هو شام ۾ شڪي ڪيميائي هٿيارن ۽ ميزائل ٺاهڻ وارين فيڪٽرين تي هوائي حملا ڪري رهيو آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊون سار جو چوڻ آهي ته کيس ڊپ آهي ته بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ هٿيار ”انتهاپسندن جي هٿن ۾“ اچي سگهن ٿا، جنهن کي روڪڻو آهي، هوڏانهن شام جي راڄڌاني دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڦاٿل پاڪستانين کي ڏيهه منتقل ڪرڻ لاءِ اڃان تائين اسلام آباد مان چارٽرڊ جهاز نه پهتا آهن، ڪافي شهري پنهنجي خرچ تي بيروت وڃي رهيا آهن، باقي جن وٽ ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جا به پئسا ناهن ۽ حڪومتي امداد جا منتظر آهن،

  1. انصاف ۾ دير اصل ۾ ناانصافي آهي: يوسف رضا گيلاني

ملتان (م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته انصاف ۾ دير اصل ۾ ناانصافي آهي، پاڪستان ۾ انصاف ملڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ملتان ۾ بهاءُ الدين ذڪريا  يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته قانون شهرين جي حقن جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، هتي ڪيس ڪيترن ئي سالن کان التوا ۾ آهن، اي آءِ جي استعمال سان لکين ماڻهن کي بروقت ۽ سستو انصاف فراهم ٿيندو، ٽيڪنالاجي اڪيلو ڪجهه نٿو ڪري سگهي، اسان کي مضبوط ادارن جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان سي پيڪ تحت علائقي کي اسپيشل اڪنامڪ زون جو منصوبو ڏنو آهي، جيڪڏهن منهنجو خطو محروم رهيو ته خاموش نه ويهندس.

  1. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن آئيني بينچز جو نئون روسٽر جاري

ڪراچي(  رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن آئيني بينچز جو نئون روسٽر جاري ڪيو ويو، جاري ڪيل روسٽر موجب بينچ ون ۾ جسٽس محمد ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان  الڪريم تي مشتمل هوندي، سروسز، ليبر، پينشن، ايس بي سي اي، ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي سميت ٻين ڪيسن جي ٻڌڻي بينچ ون ڪندي، تعليمي بورڊ، ڪي پي ٽي، ايم اي او، سي ڊي جي بابت به ڪيس جي ٻڌڻي بينچ ون ڪندي، بينچ ٽو ۾ جسٽس آغا فيصل ۽ عبدامبين لاکو تي مشتمل هوندي،  بينچ ٽو ٽيڪس، ڪسٽم ۽ اليڪشن جي ڪيسن تي ٻڌڻي ڪندي، جاري ڪيل روسٽر موجب بينچ ٿري ۾ جسٽس ثناءَ اڪرم منهاس ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي مشتمل هوندي، بينچ ٿري اي سي ايل، ڪوآپريٽو سوسائٽي ۽ ٻين ڪيسن بابت ٻڌڻي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.