سياسي ڇڪتاڻ ۾ رولڙي جو شڪار ٿي ويل عوامي مسئلا

تحرير; غلام حسين جوڻو

موجوده حڪومت، جيئن ئي ملڪ جو اقتدار سنڀاليو آهي. تيئن ئي ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهندي پئي وڃي. حڪمرانن کي کوڙ ساريون ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ڪنهن هڪ مسئلي مان به جان آزاد ڪرائي ڪونه سگھي آهي. پر، ويتر مشڪلاتن جي ڄار ۾ ڦاسندي پئي وڃي. جنهن ڪري اتحادي حڪومت جي واڳ ڌڻين کي حڪومت هلائڻ ۾ وڏيون رنڊڪون پيش اچي رهيون آهن. هر، روز نون مسئلن کي منهن ڏيئي رهي آهي. هڪ طرف مهانگائي وڌي رهي آهي. جنهن تي ضابطو ڪرڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿيندي پئي وڃي. جنهن ڪري غريب عوام تڪليفون ۽ اذيتون ڪاٽي رهيو آهي ۽ حڪومت تي سخت تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ ان تي آڱريون کڄي رهيون آهن. غريبن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. جڏهن ته حڪومت ڪوڙيون دعوائون ڪري چئي رهي آهي ته، ملڪ مان مهانگائي جو خاتمو ڪري ڇڏيو اٿئون. هاڻ مهانگائي ڪونه رهي آهي. ماڻهو، ان اعلان تي حيرت جو اظهار ڪن ٿا ۽ تعجب ڪري رهيا آهن ته حڪومت اهڙي دعويٰ ڪهڙي بنياد تي ڪري پئي. حالانڪه اها دعويٰ حقيقتن جي برعڪس آهي.

حڪمرانن کي ٻئي ڪابه واهه ۽ واٽ نظر ڪونه ٿي اچي. اها به واڳ ڌڻين جي مجبوري آهي. جنهن ڪري آءِ ايم ايف جو سهارو وٺي پئي.ملڪ ۾ بيروزگاري وڌندي پئي وڃي. حڪومت روزگار جا موقعا پيدا ڪري ڪونه سگھي آهي. عام ماڻهن کي مزدوري به ڪونه ٿي ملي. پورهيت طبقو به پريشان آهي. خاص ڪري اسان جو نوجوان طبقو ڏاڍو مايوس ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو، پنهنجون تعليمي سندون کڻي در، در ٺوڪرون کائيندو رهي ٿو. پر، انهن کي ڪٿي به نوڪري ڪونه ٿي ملي. جنهن ڪري انهن جي زندگي سراپا سورن ۾ گذري رهي آهي. اهي روزگار نه ملڻ ڪري مايوس ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. ڪيترن ئي نوجوانن خودڪشيون ڪيون به آهن. هئڻ ته ائين گھرجي ها ته، ملڪ ۾ وڌ ۾ وڌ صنعتون لڳايون وڃن ها. ڪارخانا قائم ڪيا وڃن ها. جن ۾ نوجوانن کي نوڪريون ڏيئي روزگار وارو ڪيو وڃي ها يا وري سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا ڏنا وڃن ها. ميرٽ تي نوڪريون ملڻ ڪري، ڪيترائي ماڻهو روزگار سان لڳي سگھيا پئي. پر، ائين به ڪونه ڪيو ويو. ويتر، کوڙ ڪارخانا ۽ صنعتون بند ٿي ويون آهن. انهن ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. حڪومت ماڻهن کي روزگار ته ڪونه ڏنو. پر، بيروزگار ڪرڻ ۾ به گھٽ ڪونه ڪيو آهي. اهو مسئلو به حڪومت حل ڪري ڪونه سگھي آهي. هن، حڪومت پنهنجي لاءِ ڪيترائي مونجهارا  پيدا ڪيا آهن. اپوزيشن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ طرحين، طرحين جون ڪوششون ڪندي رهي ٿي. مخالفن کان انتقام وٺڻ لاءِ آئين ۾ به ترميمون ڪيون آهن. ۽ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ايندڙ ڪجهه وقت ۾ اڃا به وڌيڪ ترميمون ڪيون وينديون. اهو، ان لاءِ ڪيو ويندو ته مخالف دٻاءَ هيٺ رهن ته جيئن اسان حڪومت ڪندا رهون. ان سلسلي ۾ عمران خان سان جيڪي ڪجهه ڪيو پيو وڃي. پارٽي جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ همدردن سان جيڪو سلوڪ روا رکيو پيو وڃي.

مولانا فضل الرحمان موجوده حڪومت جو سڌي يا اڻ سڌي طرح اتحادي آهي جڏهن حڪومت آئين جي هڪ شق ۾ تبديلي ڪري رهي هئي. ڇويهين ترميم آندي پئي ويئي. تڏهن به مولانا حڪومت جي حمايت ۾ ووٽ ڏيئي ان ترميم کي ملڪ ۾ قانوني ۽ آئيني حيثيت ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري مولانا جو شڪريو به ادا ڪيو هو. ٻڌو اٿئون ته مولانا هن ترميم آڻڻ جي حق ۾ ووٽ ڪجهه شرطن تي ڏنو هو هاڻ انهن شرطن ۽ مطالبن کي حڪومت مڃڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. مدرسن واري بل جو مسودو، صدر ڏانهن صحي  لاءِ موڪليو ويو هو. جيڪو صدر اعتراض واري واپس ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي مولانا فضل الرحمان سخت ناراض ٿي پيو آهي. نتيجي ۾ هن ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته، ڄاڻايل بل جيڪڏهن صحي نه ڪئي وئي ته اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو.

وفاق طرفان سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ جي منصوبا بندي ڪئي ويئي آهي. شاهه درياءَ تي نوان ڇهه ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن. جنهن خلاف سنڌ جو عوام روڊن تي نڪري پيو آهي ۽ ان کي سنڌ دشمني وارو فيصلو سمجهي رد ڪري ٿو. جنهن سان سنڌ جي زراعت متاثر ٿيندي. هتان جون زمينون غيرآباد ۽ بنجر ٿي وينديون. جنهن ڪري سنڌو درياءَ تي نوان ڇهه ڪئنال ٺاهڻ ۽ سنڌ جو پاڻي روڪڻ وارو منصوبو ڪڏهن به قبول ڪونه ڪيو ويندو. حڪومت به سنڌي ماڻهن جي هن مطالبي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿي ڏيئي. اهو، مطالبو مڃڻ لاءِ تيار ڪونه آهي. پنهنجي هوڏ ۽ ضد تي قائم آهي. وفاق سنڌي قوم جي مرضي خلاف زبردستي ڪئنال ڪڍڻ گھري ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ به حڪومت لاءِ نفرتون وڌي رهيون آهن. وڏي پئماني تي  احتجاج ڪيا پيا وڃن. جيڪي يقينن حڪومت لاءِ ڏکيائيون ۽ پريشانين جو باعث بڻجي سگھن ٿا. عوامي رد عمل کي ڪير به روڪي نه ٿو سگھي.مطلب ته، اتحادي حڪومت چئني طرفن کان گھيريل آهي. هر طرف کان هن جي خلاف آواز اٿي رهيا آهن. وڏا مسئلا اٿس. جيڪي وفاق پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪري رهيو آهي. ان ۾ ٻئي ڪنهن ڌر جو قصور ۽ ڏوهه ڪونه آهي. کيس اهڙا فيصلا بلڪل نه ڪرڻ گھرجن جن سان اپوزيشن کي چيڀاٽيو وڃي ۽ ٻئي طرف ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو وڃي. ان صورتحال ۾ مخالف ڌريون ۽ ننڍن صوبن جو عوام خاموش ٿي ڪونه ويهندو. پر، پنهنجن مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ ميدان تي نڪري پوندو. جنهن ڪري حڪومت کي نرمي وارو رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڳالهين جا دروازا بند نه ڪرڻ گھرجن. پر، ڳالهيون ڪري سمورا مسئلا حل ڪيا وڃن تڏهن حڪومت جي گاڏي اڳتي وڌندي. ٻئي حالت ۾ حڪومت کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. احتجاج به ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ ثابت ٿيندا. ترقي ۾ خلل پوڻ ڪري وڏو قومي نقصان ٿيندو. ان کان بچڻ لاءِ حڪومت کي سوچڻ گھرجي. پنهنجا مفاد پوئتي رکي ملڪ جي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.