شام جي باغين جي فتح پويان ڪنهن جو هٿ آهي؟

تحرير: وفا گولو

شام ۾ لڳ ڀڳ اڌ صدي تائين اقتدار ۾ رهندڙ الاسد خاندان جي اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي  ۽ شام جي باغين حڪومت تي قبضو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن مطابق  شامي باغين جي گروپ حيات تحرير الشام شامي تخت گاهه تي قبضو ڪري ورتو آهي باغين سربراھ شام جي سرڪاري ٽي وي تي پهرين ئي خطاب ۾ سڀني قيدين لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ۾ هن چيو ته دمشق ۾ صورتحال محفوظ آهي، ڪنهن جي به خلاف انتقامي ڪارروائي نه ٿيندي. شامي باغين آزاد شام جي خود مختياري ۽ سلامتي جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شام ۾ ڪاري دور جي خاتمي کانپوءِ نئون دور شروع ٿي رهيو آهي.

روسي ايجنسي ڪريملن به تصديق ڪئي آهي ته بشار الاسد جي خاندان سياسي پناهه حاصل ڪري ورتي آهي.  روسي خابرو اداري موجب به بشار الاسد هن وقت ماسڪو ۾ آهي. روسي اختياريون شامي اپوزيشن اڳواڻن سان به رابطي ۾ آهن. شامي اپوزيشن شام ۾ روسي سفارتڪارن جي حفاظت جي پڪ ڏياري آهي. ٻئي طرف اسرائيل شام ۾ سياسي بحران مان فائدو کڻندي پنهنجي فوج شام ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي ۽ گولان ٽڪرين کان اڳتي وڌندي بفرزون کان ٻاهر شهر تي قبضو ڪري ورتو آهي.

اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي سرحدن جي ويجهو ڪنهن به مخالف کي برداشت نه ڪنداسين، اسان جو 1967 جي جنگ جو معاهدو بشارالاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ئي ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪا شام ۾ داعش جي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو آهي جنهن ۾ بي 52 بمبر، ايف 15 ۽ اي 10 جنگي جهاز استعمال ڪيا ويا آهن. جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. بائيڊن انتظاميا جو چوڻ آهي ته نئين شامي انتظامي تنظيم ايچ ٽي ايس جي ڪيترن ئي اڳواڻن جو داعش سان واسطو آهي ۽ اهي دهشتگردي ۾ ملوث آهن. بشارالاسد حڪومت جو خاتمو انصاف جي فتح آهي. آسٽريليا، جرمني ۽ ڪيناڊا به اسد حڪومت خاتمي جي حمايت ڪئي آهي. يورپين ڪميشن جي صدر رسلا ونڊ ليئن جو به اهو چوڻ آهي ته يورپ شام کي نئين سر تعمير ۾ مدد ڪندو. ڏٺو وڃي ته شامي حڪومت ڪيرائڻ وارن گروپن مان هڪ ’سيرين نيشنل آرمي‘ يا ’ايس اين اي‘ به آهي. ھي تنظيم ترڪيه جي حامي مختلف هٿياربند گروپن جي اڳواڻ آهي.

’احلب تي حملي کانپوءِ ترڪيه نواز ’سيرين نيشنل آرمي‘ ڪردن جي تنظيم ’سيرين ڊيموڪريٽڪ فورسز‘ (ايس ڊي ايف) خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو هو. ’ايس ڊي ايف’ کي آمريڪي حمايت حاصل آهي، جڏھن ته ترڪيه ان کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آھي.شام ۾ حڪومت خلاف وڙهندڙ ٻيا به ڪيترائي گروھ موجود آهن. انهن ۾ ’احرار الشام‘ به شامل آهي، جيڪو اسلام پسند گروهن جو اتحاد آهي.هي گروپ شام جي گهرو ويڙهه جي شروعات ۾ قائم ڪيو ويو هو.

هڪ ٻيو ويڙهاڪ گروپ ’نورالدين زنگي موومينٽ‘ به انهن حملن ۾ شريڪ آهي. هي 2014 ۾ حلب ۾ قائم ڪيو ويو ھو. ھن جا ايڇ ٽي ايس سان ويجها لاڳاپا آهن.

ٻئي طرف عرب ليگ به شام جي باغين جي نئين حڪومت کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب به شهرين جي حفاظت لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته حيات تحرير الشام ايڇ ٽي ايس جي سربراهه ابو محمد الجولاني پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو ته هي سموري اسلامي قوم جي فتح آهي اهو خطي جي تاريخ جو نئون باب آهي. شام ايران لاءِ راند جو ميدان هو جنهن فرقيواريت پکيڙي ۽ ڪرپشن جو بنياد وڌو. پر هاڻ الله جي مهرباني سان شام کي پاڪ ڪيو پيو وڃي.بشر الاسد جي حڪومت جي خاتمي تي سرسري نظر وجهون ٿا ته ان باغين مٿان به عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي حڪومت جي خاتمي واري ئي طاقتن جو هٿ نظر اچي ٿو اهو صاف ظاهر آهي ته اهو ٻيو ڪو نه پر آمريڪا ئي آهي جنهن جي حمايت بعد ئي شامي باغي طاقتور بڻجي بشرالاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ويا آهن باغين جي سٺي حڪمت عملي بعد پنجن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين شام تي حڪومت ڪندڙ الاسد خاندان جي اقتدار جو سج لهي چڪو آهي، 71-1970ع ۾ صدر بشارالاسد جي والد حافظ الاسد بغاوت ذريعي اقتدار ماڻيو هو، جنهن کانپوءِ الاسد خاندان جي اقتدار جي شروعات ٿي. هو 16 نومبر 1970ع تي فوجي باغين جو اڳواڻ هو. 1197ع ۾ بعث پارٽي جي اميدوار طور شام جو صدر چونڊيو ويو هو، سندس مقابلي ۾ ڪو به اميدوار نه بيٺو هو. 1973ع ۾ شام ۽ مصر اسرائيل تي اوچتو حملو ڪيو هو، 1967 جي 6 ڏينهن واري جنگ ۾ اسرائيلي قبضي ۾ ويل زمين کي ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي. ان جنگ ۾ ٻنهي ملڪن يعني شام ۽ مصر کي شڪست ٿي ۽ شام گولان جا جبل اسرائيل کي ڏيڻ تي مجبور ٿيو. 1982ع ۾ حماهه ۾ قتل عام ٿيو حافظ لاسد حڪومت حماهه شهر ۾ اخوان المسلمين جي تحريڪ خلاف خوني آپريشن ڪيو، انهن ۾ 10 کان 40 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا.حافظ لاسد کان پوءِ سندس وڏو پٽ باسل حافظ الاسد امڪاني جانشين هو پر 1994ع ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. ان کان پوءِ حافظ الاسد پنهنجي ننڍي پٽ بشار الاسد کي قيادت لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت بشار الاسد اکين جي ماهر طور تربيت حاصل ڪري رهيو هو. سن 2000ع ۾ حافظ الاسد جي لاڏاڻي کان پوءِ باشر الاسد اقتدار ۾ آيو، حافظ الاسد 30 سالن تائين حڪومت ڪئي. صدر ٿيڻ وقت بشار الاسد جي عمر 34 ورهيه هئي. کيس صدر بڻائڻ لاءِ آئين ۾ تبديليون ڪرڻيون پيون هيون. اقتدار ۾ اچڻ بعد بشار الاسد شروعاتي طور محدود سڌارا متعارف ڪرايا، جيئن معيشت تي حڪومت جو ڪنٽرول گھٽائڻ، ڪجهه سياسي پارٽين تي پابنديون نرم ڪرڻ، پر انهن سڌارن جي زندگي گھٽ رهي ۽ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آمراڻو رويو اختيار ڪري مخالفن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو. ڪرپشن،معاشي اڻبرابري ۽ سياسي مخالفن کي دٻائڻ وارو سلسلو برقرار رهيو، جنهن سان حالتون خراب ٿي ويون. 2011ع ۾ عرب بهار کان متاثر ٿي شام وري مظاهرين ۽ سياسي آزادي ۽ ڪرپشن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي.  هن گھرو ويڙهه ۾ 3 لک 88 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا ۽هڪ ڪروڙ 20 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا.   2013ع م بشار الاسد جي حڪومت تي شهرين مٿان ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو الزام لڳايو ويو. آمريڪا ۽ روس جي دٻاءُ تي شامي حڪومت ڪميائي هٿيار ختم ڪرڻ تي تيار ٿي پر ڪيميائي حملن جون رپورٽون پوءِ به سامهون اينديون رهيون. 2021ع ۾ بشار الاسد چوٿون ڀيرو صدر چونڊيو ويو. کيس 95 سيڪڙو ووٽ مليا. بشار الاسد ورهين بعد عرب رياستن سان لاڳاپا بحال ڪرڻ شروع ڪيا هئا. 2023ع ۾ شام کي هڪ ڀيرو وري عرب ليگ ۾ شامل ڪيو ويو.  هلندڙ سال جي هلندڙ مهيني يعني ڊسمبر 2024ع کان شامي باغين اوچتو تيز رفتاري سان اڳڀرائي شروع ڪري ڏني. انهن چند ڏينهن ۾ حمص ۽ حماهه جھڙن اهم شهرن تي قبضو ڪيو ۽ حلب شهر تي به ڪنٽرول حاصل ڪيو، 8 ڏينهن اندر بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو

بشر الاسد جي حڪومت جي خاتمي تي سرسري نظر وجهون ٿا ته ان باغين مٿان به عراق جي اڳوڻي صدر صدام حسين جي حڪومت جي خاتمي واري ئي طاقتن جو هٿ نظر اچي ٿو اهو صاف ظاهر آهي ته اهو ٻيو ڪو نه پر آمريڪا ئي آهي جنهن جي حمايت بعد ئي شامي باغي طاقتور بڻجي بشرالاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ويا آهن باغين جي سٺي حڪمت عملي بعد پنجن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين شام تي حڪومت ڪندڙ الاسد خاندان جي اقتدار جو سج لهي چڪو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.