ٽالپر وڏا/ڪنب (نمائندن وٽان ) ٽالپروڏا ڀرسان ڳوٺ تاجو خان ساکاڻي ۾ پاڻي جي واري تان مامي ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو چاڪن ڪهاڙين ۽ هٿيارن جي استعمال سبب 45 سالن جو عاشق حسين عرف ڇپر ساکاڻي قتل ٿي ويو ٽالپروڏا چوڪي انچارج اي ايس آءِ شفقت علي وساڻ واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ڪوٽڊيجي اسپتال پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، يوسي ٽالپروڏا جو چئرمين رئيس عقاب خان راڄپر واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪئي هوڏانهن ٽالپروڏا پوليس چوڪي انچارج شفقت علي وساڻ بروقت ڪاروائي ڪري واقعي جي مک جوابدار غفور ساکاڻي سميت 4 ملزم گرفتار ڪري ڌرين کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو، آخري اطلاع تائين ڪنب ٿاڻي تي مقتول جي وارث مير حسن ولد شيرخان ساکاڻي جي فرياد تي 8 ڄڻن عبدالغفور ساکاڻي صدرو ساکاڻي محرم ساکاڻي غلام فريد ساکاڻي الياس ساکاڻي نويد ساکاڻي ۽ ٻين تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي .