ڪراچي (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پريوينشن اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (پيڪا) تحت پهريون ڪيس رياستي ادارن خلاف پروپيگنڊا پکيڙڻ تي داخل ڪيو آهي.جنهن ۾ ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ ون ميٽرووال جي رهواسي سيف الرحمان کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، جوابدار سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي جعلي خبرون پکيڙي ۽ رياست خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪري رهيو هو، سائبر ڪرائم مانيٽرنگ سيل جي هڪ سينيئر آفيسر موجب شروعاتي طور تي 39 سوشل ميڊيا اڪائونٽس شارٽ لسٽ ڪيا ويا، لسٽ ۾ شامل هڪ شهري کي واچ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان جي اڪائونٽ جا تفصيل حاصل ڪيا ويا ۽ انڪشاف ٿيو ته اهو اڪائونٽ ڪراچي مان هلائي رهيو هو.