پنوعاقل (ن ع آ ) پني عاقل ۾ سول سوسائٽي ۽ زنگيجا برادري جي ماڻهن پاران ڪجھ ڏينھن اڳ سکر ضلعي جي پٽڻي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پاران مبينا طور تي ڪوڙي مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان رضا حسين زنگيجو جي خون سان انصاف لاءِ پني عاقل جي دعا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ريلي ۾ شريڪ ولي محمد زنگيجو، نذير احمد، ﷲ بخش زنگيجو، آصف مهدي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد رضا حسين زنگيجو پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ڪراچي کان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن واپس اچي رهيو هو ته سکر پوليس ٽنڊو مستي وٽان کنڀي گم ڪرڻ بعد کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي عدالت کان مٿاھون قتل ڪري وڏي ناجائزي ڪئي آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪندي چيو ته واقعي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي رضا حسين جي ناحق خون جي جي آءِ ٽي جوڙي يا جوڊيشنل انڪوائري ڪري انصاف ڪيو وڃي.