ڪراچي (نمائندن وٽان ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 18هين سالگره مختلف شهرن ۾ ملهائي وئي، تقريبون ڪوٺائي ڪيڪ ڪاٽيا ويا، ان حوالي سان ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ضلع اوڀر ڪراچيءَ ۾ ٿي گذري. تقريب ۾ پارٽي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. سالگره تقريب ۾ ڳالهائيندي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ فتح خاصخيلي چيو ته سنڌ تمام ڏکي صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌي ماڻهو متحد ٿي ڪري پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن،سنڌ جي وسيلن سميت سنڌو درياهه تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، عوام سجاڳ ٿي ، هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقي نوشهرو فيروز پاران پريس ڪلب ۾ پارٽي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ تعلقي صدر اڳواڻ مهر علي وسطڙو، خادم سيال، جنيد وسطڙو، سڪندر ڪلهوڙو، سنڌ صحافي اتحاد جي ضلع صدر محمد يونس راڄپر، مسرور چانڊيو، خادم حسين مري، ايس ٽي پي اڳواڻ اقبال راڄپر، قومي عوامي تحريڪ اڳوڻ ارشاد عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻن چيو ته ايس يو پي سنڌ جي واحد قومي ۽ جمهوري پارٽي آھي جيڪا سنڌ جو ڪيس پارلياماني مورچي توڙي روڊ رستن تي وڙھندي رهي آھي. ٻئي پاسي نصيرآباد ۾ پارٽي آفيس تي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر محب علي ڦلپوٽي جي صدارت هيٺ ڪيڪ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڊپٽي آرگنائيزر فقير علي گل ڪانڌڙي، پ پ ورڪرز جي اڳواڻ سرائي نياز حسين ڪلهوڙي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي منصور سومري، سياف جي مرڪزي اڳواڻ وقار رضا چولياڻي، ياسين ڦلپوٽي، فقير روشن پنھور، راشد چولياڻي، منصور ڪاٺئي، مير ڦلپوٽي، عرفان شيخ، شاھه رخ نوناري، جاني چني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن ميهڙ ۾ به ايس يو پي ڪارڪنن پاران ارڙهين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو.