ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ 26آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت جي ٻڌڻي جي لاءِ فوري استدعا منظور ڪري ورتي آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 26آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ريگيولير بئنچ ڪندي. ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته درخواستون آئيني بئنچ ۾هجن گهرجن .عدالت چيو اوهان جواب جمع ڪرايو .درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آئين کان متصادم قانون جي خلاف درخواستون ريگيولير بئنچ ٻڌائي سگهي ٿي فيصلو اچي ويو آهي .عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي اعتراض جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي .عدالت درخواستن جي ٻڌڻي سردين جي موڪلڻ کي هڪ هفتي کان پوءِ مقرر ڪري ڇڏي.ڪابنيا ڊويزن پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته ڪابينا ڊويزن جو ڪم آهي ته سمري ڪابينا ۽ مختلف وزارت جي ڪميٽين ۾ پيش ڪرڻ آهي .ڪابينا ڊويزن جي ڪم سان درخواستگذار متاثر نه ٿيو آهي، انڪري ڪابينا ڊويزن جو نالو ڌرين مان خارج ڪيو وڃي .
-
سمورن دوستن جو شڪر گذار آهيان، جن ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو: بئريسٽر سرفراز ميتلو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي نئين چونڊيل صدر بئريسٽر سرفراز ميتلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آئون سمورن دوستن جو شڪر گذار آهيان جن پنهنجو اعتماد جو ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو آهي. الله تعالي جي مدد سان وڪيلن جي ويلفيئر، قانون جي بالادستي ۽ انصاف لاءِ اپاءِ وٺنداسين. سرفراز ميتلو چيو ته وڪيلن جي ٽپل ايڇ هائوسنگ،هاسپيٽل ۽ هاسٽل جي منصوبي لاءِ جوڳا اپاءِ ورتا ويندا.ٽپل ايڇ منصوبي لاءِ زمين ملڻ وارو مرحلو آخري مرحلي ۾آهي، جلد زمين الاٽ ٿي ويندي: سرفراز ميتلو چيو ته ڪوشش آهي ته هلندڙ سال ئي ٽپل ايڇ منصوبو عمل ڪرائينداسين .
-
پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وارا پنهنجي حيثيت ۾ رهن: گنڊاپور
پشاور( م ڊ) خيبر پختونخوا جي وڏي وزيرعلي امين گنڊاپوراهو چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ وارا پنهنجي حيثيت ۾ رهن. سول نافرماني واري تحريڪ اڃا آخري مرحلي ۾ ناهي پهتي، عمران خان سان ملاقات کانپوءِ معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. سول نافرماني بابت جڏهن ڳالهيون فائنل ٿينديون ته ٻڌائينداسين. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته اسان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ چاهيون ٿا. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بشرا بي بي کي ڊي چوڪ ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ تي بشرا بي بي پاڻ ئي جواب ڏئي سگهي ٿي.
-
اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسمائيل ڏاھري جي ضمانت منظور
نوابشاهه ( ن ع آ ) اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسمائيل ڏاھري جي ڪيس جي ٻڌڻي سول جج جيم تو جي عدالت ۾ٿي، جنهن ۾ عدالت اسمائيل ڏاھري جي 33 هزار رپين ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي، ياد رهي ته اسماعيل ڏاھري مٿان ڪرائيم نمبر 4 2024 پوليس اسٽيشن پي ايس پٻجو ٿاڻو تي فريادي محمد ڏاهري پنهنجي ڀائٽي عضمه ڏاھري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هيو ان موقعي تي اسماعيل ڏاهري جي ڀيڻ حميده ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو ڀاءُ بي قصور آهي ھن چيو ته عدالت سڳوري تي اسان جو يقين آهي ھن چيو ته اسان جي وڪيل پنهنجي سچائي سان اسان جو ڪيس وڙهيو جنهن ڪري اڄ به هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ اسان جي ڀاءُ اسماعيل ڏاهري جي ضمانت ٿي وئي آهي ھن چيو ته انشا الله تمام جلد اسان منهنجا ڀائر اسماعيل ڏاهري ۽ علي رضا آزاد ٿيندا ان موقعي تي اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميده ۽ فريدا ڏاهري پنهنجي وڪيلن مختيار رند ۽ تبسم آرائين ۽ سچل مجيب ماڇي کي پئسن جا هار پارايا.
-
خيرپور ۾ قتل ڪيس جو مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو
خيرپور( ڊر ) خيرپور ۾ زمين جي تڪرار تان قتل ٿيل نوجوان جي قتل ڪيس جي مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي خيرپور پوليس ڪارروائي ڪندي نوجوان عاشق علي سکاڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث مک جوابدارن سجاول، دولت، عبدالغفور ۽ نويد سکاڻي کي پوليس هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آھي ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ زميني تڪرار تان نوجوان عاشق علي سکاڻي کي مٿي ڄاڻايل جوابدارن بي دردري سان قتل ڪيو ھيو.
-
ڪنڌڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي نوجوان زخمي
ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاھ روڊ تي هٿياربندن جي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان پاران موٽرسائيڪل نه ڏيڻ تان هٿياربندن نوجوان مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ ڪري نوجوان مٺا گولو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو.هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا پوليس بيوس بڻيل رهي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.
-
معصوم پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڳيريلي ۾ احتجاج
ڳيريلو ( ن ع آ ) ڳيريلو ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو، سياسي سماجي اڳواڻن نادر علي بليدي، سليم مغيري، نياز حسين، علي گل، رضاڪ بروهي، شاهن پير زادو، شعيب پير زادو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو پريا ڪماري اسان سنده واسي سڀني جي نياڻي آهي، پريا ڪماري کي 28 مهينا گذري ويا آهن، هن مهل تائين معصوم پريا ڪماري بازياب نه ٿي سگهي آهي