اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران حراست هيٺ ماڻهن کي عام جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي لطيف کوسا جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته بچاءَ واري وزارت جو وڪيل خواجا حارث بيمار آهي، تنهن ڪري پيش نه ٿي سگهيو.
وڪيل لطيف کوسا حراست هيٺ ماڻهن کي عام جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي آئيني بينچ رد ڪري ڇڏيو.
لطيف کوسا چيو ته جيلن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ملاقات ته ٿي سگهي ٿي، جنهن تي جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ملاقات جي حوالي سان اٽارني جنرل خاطري ڪرائي چڪو آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ملاقات ڪرائي پئي وڃي، جسٽس امين الدين ريمارڪس ڏنا ته ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، في الحال ڪنهن ٻئي پاسي نه وڃو.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سويلينز جو ملٽري ٽرائل: حراست هيٺ ماڻهن کي عام جيلن ۾ منتقل ڪرڻ جي درخواست رد
You might also like