لاھور (عمران شفقت) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن م سويلين جي ٽرائل جي حوالي سان ٻن متفرق درخواستن جي ٻڌڻي ٿي آھي. جسٽس امين الدين خان جي سربراھي ۾ بينچ جڙيل آھي.حڪومت جي نظرثاني اپيل ۾ استدعا کي خارج ڪيو ويوآھي. حڪومتي درخواست ۾ انھن فوجي عدالتن جو اختيار سماعت سويلين تائين ڦھلائڻ جي استدعا ٿيل ھئي. حڪومت جو موقف ھيو تھ جيستائين بنيادي درخواست جو فيصلو نھ ٿو ٿئي تيستائين فوجي عدالتن اندر ان ٽرائل ۽ سزا جي اجازت ڏني وڃي . اڳ ۾ ھڪ عبوري فيصلو ڏنو ويو ھيو فوجي عدالتون ٽرائل ته مڪمل ڪري سگھن ٿيون پر ڪنھن جوابدار کي سزا نه ٿيون ڏئي سگھن. سو آئيني بينچ جو موقف ھيو ته جيڪڏھن توھان جي ڳالھ مڃجي ته پوءِ اھو سمجھي ويندو ته اسان توھان جي بنيادي درخواست سان متفق آھيون ٻئي درخواست جسٽس جواد ايس خواجا جي ھئي منھنجي خيال ۾ ان جون ڀينر شايد 9 مئي واقعي ۾ گرفتار ٿيون ھيون ۽ انھن احتجاج به ڪيو ھيو. سو جواد ايس خواجه ان کي چيلينج ڪيو ويو آھي.مون عرض ڪيو ھيو تھ جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس منصور علي شاھ آرام سان ويھڻ واريون شخصيتون ناھن لڳي ٿو تھ جواد ايس خواجه جي درخواست جسٽس منصور جي خط کي ڏسي ڊرافٽ ڪئي وئي آھي. نوازشريف جنھن وقت اھا ڳالھ ملڪ تي فوج قابض ھئي ۽ ان جيڪي ڳالھيون ڪيون سي فوج جي سياسي ڪردار جي حوالي سان ڪيون جيڪي درست ھيون اھڙيون ئي ڳالھيون بينظير ڀٽو ، آصف زرداري، خواجا آصف توڙي رانا ث بھ ڪندا رھيا آھن . ان وقت جي وڏن صحافين انھن ڊڪٽيٽرن جا انٽرويو ڪيا ۽ وري دعوي ڪيائون تھ اھي ڊڪٽيٽر خلاف وڙھيا پر حقيقت اھا آھي تھ اھي ڊڪٽيٽر خلاف نه پر ان وقت جي ڊي جي آئي ايس آئي جنرل اشفاق پرويز ڪياني سان گڏ بيٺا ھئا ۽ ان جي چوڻ تي بيٺا ھئا.سو سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ بنائڻ وارو عمل ٺيڪ ناھي.