راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي اڪثريت فوري طور تي سول نافرماني تحريڪ هلائڻ جي حق ۾ ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳواڻن ۽ ڪور ڪميٽي ۾ سول نافرماني واري تحريڪ تي صلاح مشورا ڪيا ويا، سول نافرماني واري تحريڪ بدران پارٽي پهرين پنهنجي ايڪشن پلان تي فيصلو ڪندي، ميمبرن جو خيال آهي ته پي ٽي آءِ باني کي چيو وڃي ته سول نافرماني جو سڏ ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پارٽي قيادت 24 نومبر جي احتجاج جي نتيجن کانپوءِ پنهنجي بحالي چاهي ٿي، باني سان ملاقات کانپوءِ پارٽي قيادت ملاقات تي ٻيهر مشاورت ڪندي، ٻي پاسي عمر ايوب جو چوڻ آهي ته انسان آهيون يا فرشتا پر ڳالهين لاءِ تيار آهيون، قومي حڪومت ملڪ کي درپيش مسئلن جو حل ناهي، انصاف ۽ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن وقت صرف فاشزم ۽ ڏنڊو آهي، هن چيو ته عمران خان 5 رڪني ڪميٽي ٺاهي آهي، جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته 13 ڊسمبر تي تحريڪ جي ايندڙ مرحلي جو اعلان ڪندو، سول نافرماني تحريڪ هلائي ويندي، شبلي فراز چيو آهي ته جعلي حڪومت اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 26 نومبر تي فوت ٿيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو انگ 12 آهي،