سپريم ڪورٽ ن ليگ جي باغي ميمبر عادل بازئي کي بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي باغي ايم اين اي عادل بازئي کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن جو 21 نومبر جو  فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، عدالت اليڪشن ڪميشن سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ عادل بازئي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس عقيل عباسي ۽ جسٽس عائشه ملڪ به ٽه رڪني بينچ جو حصو هئا، ٻڌڻي دوران عادل بازئي جي وڪيل تيمور اسلم مخصوص سيٽن بابت فيصلي جو حوالو ڏنو، جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي چيو ته ڇا توهان واقعي ڪجهه سيٽن جي فيصلي تي ڀروسو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جسٽس عقيل عباسي چيو ته هاڻي چون ٿا ته ترميم به اچي وئي آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪنهن کي اسيمبلي مان ٻاهر ڪڍڻ ڪو معمولي عمل ناهي، ان جو هر پاسو ڏسڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.