بينظير انڪم سپورٽ جي مستحقن جا بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سيڪريٽري واهپيدارن جا بئنڪ اڪائونٽس کولڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو.چيئرمين مير غلام علي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي غربت گهٽائڻ واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت معاملي تي گفتگو ڪئي وئي.بي آءِ ايس پي اختيارين ڪميٽي کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو بينظير انڪم جي بينفشريز مان هڪ لک 30 هزار عورتن جا ٿمب/آڱوٺا ڪم نٿا ڪن، جن کي جنوري ۾ خاص ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.بينفشريز کي رقم اڪائونٽ ۾ ڏيڻ واري معاملي تي اختيارين چيو ته سمورين بئنڪن جا سڄي ملڪ مجموعي 17 هزار برانچز آهن پر انهن مان گهڻائي شهرن ۾ آهي جڏهن ته پروگرام جا گهڻي قدر بينفشريز ٻهراڙين سان واسطو رکن ٿا انڪري ڏکيائيون پيش اينديون.انڪم سپورٽ پروگرام جي اختيارين تجويز ڏني ته پوائنٽ آف سيل ايجنٽس جي ذريعي رقم فراهمي جاري رکي وڃي. ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين مير غلام علي چيو ته جن شين ۾ انساني ٽچ اچي وڃي اتي ڳڙٻڙ ٿي ويندي آهي، بينظير انڪم سپورٽ جو سسٽم آٽو ميشن تي ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.