پشاور ( م ڊ ) صوبائي حڪومت ڪرم ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ نگران ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪميٽي جي سربراهي اطلاعات واري صلاحڪار پ پ بئريسٽر سيف ڪندو، جڏهن ته صوبائي وزير آفتاب عالم به ڪميٽي جي ميمبرن ۾ شامل هوندو. ڪميٽي ۾ سول انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ آفيسر شامل ڪيا ويا آهن. هن ڪميٽي جو مقصد حڪومتي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. ڪميٽي عملي قدمن ذريعي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي قيام لاءِ موثر قدم کڻندي.