مورو ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 4 ڄڻا زخمي

مورو( ن ع آ) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري بلاول سولنگي  قتل ٿي ويو جڏھن ته 4 ڄڻا اظھر، نويد، رشيد سجاد سولنگي زخمي ٿي پيا جن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي ٻن زخمين جي حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاھه جي اسپتال  ڏانھن منتقل ڪيا ويا جڏھن ته ٻين کي طبي امداد ڏني وئي، ان موقعي تي وارثن جو چوڻ ھو ته پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان نذير سولنگي ٻين ماڻھن سان گڏجي جھيڙو ڪيو ۽ فائرنگ ڪري اسان جو  ھمراهه قتل ڪيو آھي ۽ ٻيا زخمي ڪيا آھن ملوث ماڻھن  خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. جڏھن ته قتل ٿي ويل جون قانوني گھرجون پوريون ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته پوليس ابتدائي رپورٽ داخل ڪري ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آھي پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن جي اچڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.