سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) احتساب عدالت سکر جي جسٽس سيّد عبدالرشيد شاهه چيو آهي ته ڪرپشن ادارن جي جڙن کي ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي، جيڪا اقتصادي ترقي کي نقصان پهچائي ٿي. بدعنواني جو سبب مضبوط ادارن جو فقدان آهي، بدعنواني جو علاج هوميوپيٿڪ سان ممڪن ناهي، ان لاءِ سرجري ٿيڻ گھرجي. جيستائين سزا ۽ جزا جو نظام نه جڙندو معاشرو نه ٿو سڌرندو. اهڙن ڳالهين جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏھاڙي تي آءِ بي اي سکر يونيورسٽي ۾ ٿيل جاڳرتا سيمنار ۾ خاص مھمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪرپشن هڪ اهڙي لعنت آهي جنهن جو اثر پوري سماج ۽ ادارن تي پوندو آهي. بدعنواني سياسي مسئلو نه آهي پر اھو سماجي، معاشي ۽ اخلاقي مسئلو آهي، ھي زندگي جي ھر پھلو تي اثر انداز ٿئي ٿو. ڪرپشن جمھوريت تي به ناڪاري اثر وجهي ٿي . ھن چيو ته جڏھن ڪرپشن ڪيسز ٽرائل لاءِ ايندا آھن ۽ ملزم پيش ٿيندا آھن تڏھن ڳالهه ڪٿان کان ڪٿي نڪري وڃي ٿي. هن تقرير ڪندڙ ڇوڪرين جي محنت کي ساراهيندي چيو ته اسان جي نياڻين وڏي محنت ڪئي آھي ،سيمينار کي خطاب ڪندي نيب سکر ريجن جي ڊائريڪٽر جنرل فياض احمد قريشي چيو ته ماڻهو سوچيندا آهن ته قانون ۾ ترميم بعد نيب 50 ڪروڙ کان مٿي لاءِ ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، پر ان جي هيٺيان واري رقم انهن لاءِ شايد حلال ٿي وئي آهي، ايئن بلڪل به ناھي، قومي احتساب بيورو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هتي سرجري ڪرڻ جي ڳالهه ٿي آهي، چين ۾ ڪرپشن جي سزا موت آهي، چين ۾ جنهن گولي سان ماريو وڃي ٿو ان جي رقم به ان جوابدار کان وصول ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن ان قسم جي سرجري جي ڳالھه ٿي آهي ته پو 2, 4 سرجريون ھتي به ٿي وڃن ته معاشرو سڌو ٿي ويندو. سيمينار ۾ ترجمان سنڌ حڪومت ۽ ميئر سکر بئرسٽر ارسلان اسلام شيخ، خطاب ڪندي چيو ته گذريل 8 سالن کان وڌيڪ عرصي کان اسين بدعنواني جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائيندا آهيون ۽ ھر سال ڪجهه عزم ڪندا آهيون، قومي احتساب بيورو جي آفيسرن ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ جيڪي محنت ڪئي آھي ۽ قدم کنيا آھن اهي ساراھه جوڳا آھن، سنڌ حڪومت قومي احتساب بيورو سان غير مشروط طور هر فورم تي گڏ بيٺي آهي. سنڌ حڪومت ڪرپشن جي مرض خلاف جدوجهد ۾ قومي احتساب بيورو سان گڏجي ڪم ڪندي. قومي احتساب بيورو سکر جو بدعنواني خلاف آگاهي سيمينار منعقد ڪرڻ هڪ انتهائي بهترين قدم آهي. هتي سڀني شعبن جا سرڪاري آفيسر، عوام جا چونڊيل نمائندا ۽ خاص طور تي مختلف تعليمي ادارن جا نوجوان موجود آهن. اسان سڀني کي بدعنواني خلاف گڏجي جنگ ڪرڻي آهي. سيمينار ۾ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ميمبر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن قاضي شاهد پرويز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.