ميهڙ ( ن ع آ ) ميھڙ جي ڪچي واري علائقي ڀنڊ ماڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ مور ڀرٽ ۾ مبينا اڌڙوٽ شخص منظور ڀرٽ جو درياهه مان ڪپڙن کان آجو لاش ھٿ وارثن پاران قتل جا الزام تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، پيرسن جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ، مقتول جي پٽ ميرل ڀرٽ ميھڙ جي ڀنڊ ماڙي ٿاڻي تي واقعي بابت اطلاع ڏيندي ۽ الزام ھڻندي چيو ته جوابدار جمعي ڀرٽ جي ڌر جي ھٿياربندن منھنجي والد کي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کيس ڪپڙن کان آجو ڪري پاڻي ۾ ٻوڙي قتل ڪيو آھي ان جو لاش درياهه جي پاڻي مان مليو آھي ڀنڊ ماڙي پوليس موجب ته درياهه جي پاڻي مان ڪپڙن کان آجو 48 ورھين جي منظور ڀرٽ جي مليل لاش واري اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .