اسلام آباد(م ڊ) چولستان ڪينال جي تعمير جي منظوري واري معاملي تي سنڌ جي مخالفت تي وفاق منصوبي لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) کان منظوري وٺڻ جو فيصلو تبديل ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب منصوبابندي واري وزارت ايڪنڪ جا منٽس تبديل ڪرڻ لاءِ ڪابينا ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ ڪابينا ڊويزن کي چولستان ڪينال کي ايڪنڪ جي منٽس مان هٽائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.نگران حڪومتي دور ۾ ايڪنڪ چولستان ڪينال جي منظوري کي سي سي آءِ سان مشروط ڪري ڇڏيو هو، ذريعن موجب منصوبابندي واري وزارت جو موقف آهي ته ايڪنڪ منٽس ۾ چولستان ڪينال کي غلط طور تي شامل ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ايڪنڪ جو فيصلو چولستان نه، رڳو گريٽر ٿل ڪينال سان لاڳاپيل هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي يا سي ڊي ڊبليو پي چولستان ڪينال منصوبي جي منظوري ڏئي چڪي آهي، جنهن جي ايڪنڪ سان منظوري وٺڻي آهي، پر نگران حڪومتي دور جو فيصلو ان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ايڪنڪ جي فيصلي موجب چولستان ڪينال منصوبي جي منظوري سي سي آءِ سان مشروط هئي، ذريعن موجب سڀ کان پهريان چولستان ڪينال جو نالو ايڪنڪ جي منٽس مان ڪڍڻو پوندو، ان کانپوءِ سي ڊي ڊبليو پي جو فيصلو منظوري لاءِ اي سي اينڪ ڏانهن موڪليو ويندو ۽ اهڙي طرح چولستان ڪينال منصوبي کي سي سي آءِ ۾ پيش ڪرڻ کان روڪي سگهجي ٿو، ذريعن موجب سنڌ حڪومت چولستان ڪينال جي اڏاوت تي اعتراض واريندي چيو آهي ته گرين پاڪستان تحت مختلف ڪينال ٺاهڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، جنهن سان سنڌ کي گهٽ پاڻي ملندو، ذريعن موجب پنجاب حڪومت جو موقف آهي ته چولستان ڪئنال ۾ 4 مهينن تائين ٻوڏ جو پاڻي ايندو پر سنڌ حڪومت پنجاب حڪومت جي راءِ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته چولستان ڪينال اينڊ سسٽم منصوبي جي ڪاٿو 211 ارب 40 ڪروڙ رپيا آهي، منصوبي ذريعي لکين ايڪڙ بنجر زمين کي زرعي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ 4 لک ايڪڙ زمين کي پوکي هيٺ آڻي سگهجي ٿو.