اسلام آباد( م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ حافظ حمدالله پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مدرسا بل سينيٽ ۽ اسيمبلي مان پاس ٿيو هو، جيڪڏهن مدرسا بل اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو ته انهن تي اعتراض ڇو آهي. جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حمدالله چيو ته پيپلز پارٽي به ان بل جي ايوان ۾ حمايت ڪئي، سوال اهو آهي ته بل رد ڇو ڪيو ويو؟ هن چيو ته هن بل جي آڙ ۾ حڪومت عالمن کي وڙهائڻ چاهي ٿي.
-
بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن جو انگ وڌائڻ جي بل منظور
ڪوئيٽا ( م ڊ ) سينيٽ ڪميٽي بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن جو انگ وڌائڻ جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذيلي ڪميٽي بل جي منظوري جي رپورٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏي، سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي بلوچستان اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 65 مان وڌائي 80 ڪرڻ جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.گذريل ڏينهن اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي بلوچستان اسيمبلي ۾ سيٽون وڌائڻ واري بل تي بحث ڪيو، ذيلي ڪميٽي بل جي منظوري جي رپورٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏي. ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر انوشا رحمان چيو ته مناسب هوندو ته اليڪشن ڪميشن جو موقف به ڄاڻايو وڃي.
-
سپريم ڪورٽ جي جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس 21 ڊسمبر تائين ملتوي
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جوڊيشل ڪميشن جو 14 ڊسمبر تي ٿيندڙ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، بلوچستان هاءِ ڪورٽن جي ايڊيشنل ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو ، سپريم ڪورٽ جي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 14 ڊسمبر تي ٿيڻو هو، جنهن ۾ لاهور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن جي ايڊيشنل ججن جي نالن تي غور ويچار ڪرڻو هو، ذريعن موجب ججن جي نامزدگي جو عمل 21 ڊسمبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. بلوچستان هاءِ ڪورٽن جي ايڊيشنل ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو.