هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي: مطيع الله جان

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ سندن گهرن تي پوليس جي ڇاپن بابت هو آءِ جي اسلام آباد سان ڳالهائي عدالت کي آگاهه ڪري، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئيشن جي وڪيل صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته 3 سال گذري ويا آهن پر ان ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي آهي، هو اڃا به ڪيس هلائڻ چاهين ٿا، صحافي مطيع الله جان چيو  ته کين هراسان ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جو سلسلو اڃا به جاري آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اڳ وارا ڪيس اڪلايا وڃن، اڃا به چيو پيو وڃي ته هراساني ٿي رهي آهي، ان تي به نظر وجهون، جنهن تي وڪيل صلاح الدين چيو ته ايف آءِ اي پهرين انڪوائري لاءِ نوٽيس موڪليندي آهي، پوءِ صحافين کي کڻندي آهي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي آهي ته پوءِ هراسان نه ٿيڻ گهرجي.سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئشن جي صدر عقيل افضل عدالت کي ٻڌايو ته ڪورٽ رپورٽر قمر ماڪن جي گهر تي پوليس ڇاپو هنيو، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هو ان معاملي کي به ڏسندا، جنهن بعد عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته هو آءِ جي اسلام آباد سان معاملي بابت ڳالهائي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي آگاهه ڪري ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.