سڪرنڊ ڀرسان ٺرو واپرائڻ سبب 4 ڳوٺاڻا فوت،2 ڄڻا بيهوش، علائقي ۾ سوڳ

سڪرنڊ(  رپورٽ : راج ڪمار اوڏ)  سڪرنڊ ڀرسان پي ڪي ٿاڻي جي حد واري مختلف ڳوٺن جي ڪجھه ماڻھن پاران مبيناطور ٺرو واپرائڻ ڪري چار ڳوٺاڻا فوت 2 ڳوٺاڻا بيھوش ٿي ويا،  فوتين ۾ انتظار کوسو ويٺل ڳوٺ الھه بخش کوسو ، سلام چانڊيو ويٺل ڳوٺ غلام علي چانڊيو ، مور کوسو ويٺل ڳوٺ فقير خير محمد کوسو ، مشتاق جوکيو ويٺل ڳوٺ ست پڙي شامل آهن، جڏهن ته عمران بروهي ۽ يوسف چانڊيو بيھوش ۽ سندس علاج ھلندڙ ٻئي پاسي اھڙي خبر ايندئي فوتين جي وارثن پاران اھڙي واقعي جي تصديق ڪرڻ کان لاچاري ظاھري ڪئي پئي وڃي ٻڌايو وڃي پيو ته گذريل رات مبيناطور پي ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاھه بيگ کوسو مان ھڪ منشيات فروش کان ڪچو شراب خريد ڪرڻ بعد فوتين پاران واپرائڻ سبب طبعيت خراب ٿي وئي ۽ پرائيويٽ طور علاج ڪرايو پر ھڪ ٻئي جي پويان چار ڳوٺاڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته فوتي ڳوٺاڻن کي پوليس جي بنا اطلاع ڏيڻ جي تدفين پڻ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي شھيد بينظير آباد ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل واقعي تي ٻن ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ انڪوائري ٽيم جوڙي آھي جيڪا ٻن ڏينھن اندر انڪوائري مڪمل ڪري رپورٽ ڏيندي جنھن بعد قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.