اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) منصوبابندي کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو جڏهن ته وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن. انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي منصوبه بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته انجنيئرز ڪنهن به معاشري ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته اسان آبادي وڌائڻ جي لاءِ بريڪ کان قدم هٽائي ايڪسليٽر تي رکي ڇڏيو آهي. تازن انگن اکرن ۾ آبادي 2 سيڪڙو مان وڌي 2 سيڪڙو 55 ٿي وئي آهي پاڪستان دنيا جو پنجون وڏي آبادي وارو ملڪ بڻجي چڪو آهي جڏهن ته اسان جا وسيلا گهٽ ٿي رهيا آهن. زراعت، فوڊ، سيڪيورٽي تي دٻاءُ آهي ۽ اسان جي انفرااسٽرڪچر جون ضرورتون به وڌي ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ گڏجي ڪوششون ڪنداسين ته تمام جلد حالتون تبديل ٿي وينديون. 21هين صدي ۾ ملڪن جي بقا انهي ڳالهه تي آهي ڪنهن جي معيشت ڪيتري مضبوط آهي. جي ٽوئنٽي ۾ وڃڻ لاءِ اسان کان اهو نه پچيو ويندو ته اوهان جو سياسي نظام ڪهڙو آهي، اسان 21هين صدي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون