ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سانحي بلديا ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي پرڏيهي فرار ٿيڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت روپوش جوابدار حماد صديقي جي ان مليل گرفتار نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .جسٽس ڪي ڪي آغا پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته 266 ماڻهو جي قتل ۾ ملوٽ جوابدار حماد صديقي کي ان مليل پرڏيهي مان گرفتار ڪري وطن واپس ڇو نه آندو ويو آهي، .جسٽس ڪي ڪي آغا چيو اهڙي ماڻهو کي ڪهڙي بچي رهيو آهي، جنهن تي سنگين نوعيت جا الزام آهن .عدالت پچاڻو ڪيو ته جوابدار حماد صديقي جو پاسپورٽ ۽ شاختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ان جو ڇا ٿيو ؟ عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي گهروکاتي جي نااهلي آهي ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري واپس نه آندو ويو آهي .عدالت اسٽيٽ لائف انشورنس ڪمپني جي آفيسر امجد جي قتل ۾ ملوٽ تقي شاهه کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت پوليس اهلڪارجي قتل ۾ ملوٽ رپورٽ جوابدار خرم نٽار جي وطن واپس نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت روپوش جوابدارن حماد صديقي ،تقي حيدر شاهه ۽ خرم نثارکي گرفتار نه ڪرڻ جي حوالي سان گهرو کاتي ۽ پرڏيهي کاتي کان رپورٽس طلب ڪري ورتي .عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کي به 17ڊسمبر تي عدالت ۾طلب ڪري ورتو .