ماسڪو (م ڊ) روسي اختيارين شامي صدر بشارالاسد جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته هن شام ڇڏڻ کان اڳ ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، جڏهن ته معزول شامي صدر روس ۾ سياسي پناهه ورتي آهي. روسي ميڊيا موجب بشار الاسد ۽ سندس گهر ڀاتي ماسڪو ۾ آهن. ڪريملن ذريعن جو چوڻ آهي ته بشار الاسد ۽ سندس خاندان کي انساني همدردي جي بنياد تي سياسي پناهه ڏني آهي.
-
ڪرپشن خلاف ڪارروائي ۾ نيب ڪراچي ۽ سکر جي ڪارڪردگي شاندار رڪارڊ
اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) نذير احمد چيو آهي ته ڪرپشن خلاف جنگ هڪ مسلسل عمل آهي جنهن ۾ اسان جي ڪاميابي جو دارومدار عوام جي اجتماعي سوچ تي آهي، نيب پنهنجي قيام کان وٺي هن وقت تائين 6.1 ٽريلين ڊالرز وصول ڪري چڪو آهي، هن سال 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي وصولي ڪئي وئي، جيڪا هڪ سال ۾ سڀ کان وڏي ريڪوري آهي، هزارين متاثرين کي سندن ڦريل رقم واپس ڪئي وئي، هن سال نيب ڪراچي، نيب سکر ۽ نيب خيبرپختونخواهه جي ڪارڪردگي شاندار رهي، نيب چيئرمين واضح ڪيو ته ڪرپشن ڪنهن به شڪل ۾ هجي پائيدار ترقي ۽ معاشي خوشحالي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، ڪرپشن حڪومتن ۽ شهرين جي زندگين تي ڏاڍا اثرانداز ٿيندي آهي.