ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ڪوئلي جي ڪمپنين خلاف شھرين 22 ڊسمبر تي احتجاج جو اعلان ڪيو آھي.اھڙو فيصلو اسلام ڪوٽ ۾ مقامي ماڻھن جي تنظيم ڌرتي ڌڻي فورم جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ مقامي ڳوٺن جي ماڻھن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ چيو ويو تھ ٿر ڪو ل بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو، ڪم ڪندڙ ڪمپنيون مقامي ماڻھن سان زيادتيون ڪري رھيون آھن. ھنن جو چوڻ ھو تھ سندن مسئلن کي چونڊيل نمائندا، ٿرڪول ،مينجمينٽ، ضلعي انتظاميھ سميت ڪا بھ ڌر ٻڌڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي، جنھن ڪري ھنن وٽ ھاڻي احتجاج جي واٽ اختيار ڪرڻ جو رستو ئي رھيو آھي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو تھ ” ٿر بدلي گا پاڪستان “ جي نعري جي آڙ ۾ مقامي ماڻھن سان ظلم ٿي رھيو آھي. ھنن چيو تھ ٿرڪول ڪمپنين جو اھو عمل انساني حقن جي ڀڃڪڙي آھي. ڳوٺاڻن جو مطالبو ھو تھ ٿرڪول مئنيجمينٽ ۽ ضلعي انتظاميھ مخصوص ماڻھن کي گھرائي انھن سان گڏجاڻيون ڪن ٿا پر حقيقي طور متاٿر ٿيندڙ ماڻھن کي نظرانداز ڪري رھيا آھن.جنھن ڪري مقامي ماڻھن ۾ ان عمل خلاف سخت ڪاوڙ جي لھر ڇائنل آھي.
ھنن مطالبو ڪيو تھ ٿر ڪول منصوبي جي مڪمل رائلٽي ٿر تي خرچ ڪئي وڃي.ٿر ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ٿر جي ماڻھن جي لاءِ چوپائي مال ۽ جديد زراعت جي بابت تحقيق جا ادارا قائم ڪيا وڃن.ٿر جي ھارين ۽ ڀاڳين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو وڃي.ھنن اھو بھ مطالبو ڪيو تھ گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊئم جي ايريا جي متاثر ٿيندڙن لاءِ چٽي پاليسي جوڙي انھن جا خدشا ختم ڪيا وڃن.متاثر ٿيندڙ زمين خريد ڪرڻ بدران ليز تي ورتي وڃي.ٿر ڪول جي رٿ سبب متاثر ٿيندڙ انسانن،چوپائي مال توڙي جھنگلي جيوت، بناتات جي بچاءِ لاءِ واضح پاليسي جوڙي وڃي.منصوبي ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.ٿر فائونديشن ۾ مقامي ماڻھن جي ڪميٽي جوڙي وڃي.ٿر منصوبي ۾ بليڪ لسٽ ڪيل ڳوٺن کي بليڪ لسٽ مان ڪڍيو وڃي.ٻاھران آيل ماڻھن جو مڪمل رڪارڊ ضلعي انتظاميھ کي ڏنو وڃي. ٿر ڪول سي پيڪ روڊ تي ھلندڙ ٽرانسپورٽ سبب ٿيندڙ حادثن کي روڪڻ جي لاءِ قانون جوڙي انھن تي عمل ڪيو وڃي.ٿر ۾ پاڻي، بجلي، تعليم ۽ صحت لاءِ جدا بجيٽ رکي وڃي.ڳوٺاڻن جو اھو بھ مطالبو ھو تھ موسمياتي تبديلي سبب ھاڻي کوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا آھن، انھن کان تحفظ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.ھنن جي مطالبي جو ھڪ نڪتو ھي بھ آھي تھ ٿر ڪول سيف سٽي قائم ڪري متاثر ٿيندڙ ماڻھن کي ان ۾ شفٽ ڪيو وڃي.ٿر ڪو بلاڪ ون ۽ ٽو ۾ ڪم ڪندڙ پورھيتن کي انھن جي حقن جي حصول لاءِ مزدور يونين قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
اسان سمجھون ٿا تھ ٿر جي ماڻھن جي ھنن مسئلن تي غور ڪري انھن جو جوڳو حل ڪيو وڃي. سموري دنيا ۾ ڪم ڪندڙ ادارن تي مقامي ماڻھن جو حق ٿئي ٿو، جيڪو کين ملڻ گھرجي.
خيرپور جي شھرين دانھن ڪئي آھي تھ خيرپور شھر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن شھرن توڙي علائقي ۾ نقلي داوئون ۽ نشي واريون دوائون وڪرو ٿي رھيون آھن. جنھن ڪري مريضن کي فائدي ٿيڻ بدران نقصان ٿي رھيو آھي تھ ٻئي پاسي آساني سان ملندڙ نشي واريون دوائون واپرائي رھيا آھن. اھڙي آزار سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رھيو آھي.
شھرين جو اھو بھ چوڻ آھي تھ دوائن جي چڪاس ڪرڻ جي لاءِ مقرر عملدار بھ انھن نقلي داوئن کي روڪرائڻ بدران جن ميڊيڪل اسٽورن تان اھي داوئون ملن ٿيون انھن سان ڳٺ جوڙ ڪري، اسٽور وارن کي دوائن وڪرو ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آھي.شھرين موجب تھ خيرپور شھر، ٺيڙھي،پير جو ڳوٺ،گمبٽ، صوڀوديرو ۽ ھنڱورجا ۾ اھڙيون دوائون سرعام وڪرو ٿي رھيون آھن.متاثر ٿيندڙ شھرين اختيارين کي اپيل ڪئي آھي تھ انساني حياتيءَ سان کيڏندڙ اسٽور مالڪن ۽ ان جي چڪاس ڪندڙ لاڳاپيل کاتي جي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
قانوني طور تي ڪو ميڊيڪل اسٽور ڪنھن بھ مريض کي ڊاڪٽرن جي تجويز ڪيل لکيل دوائون بنا ڪنھن کي بھ ڪا دوا نٿو ڏئي سگھي، پر اڄڪلھه اھو عام رواج آھي تھ اسٽور وارا ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل دوا ۽ لکيل پرچي کانسواءِ بھ دوائون ڏين ٿا.جيڪڏھن ڏسجي تھ اھو سموري سنڌ ۾ عام آھي.اڪثر مريض بھ زباني طور دوا جو نالو وٺي اھو خريد ڪن ٿا.نھ ڏيڻ جي صورت ۾ اھي ،ميڊيڪل اسٽور وارن تي زور بھ ڀرين ٿا. اھو بلڪل غيرقانوني عمل آھي پر اھا بھ حقيقت آھي تھ اھو سڀ ڪجهھ سموري سنڌ ۾ ھر ھنڌ ٿي رھيو آھي،جنھن کي روڪڻ جو ڪو بھ جوڳو انتظام يا بندوبست نھ آھي. ان جو رڳو ھڪڙو ئي طريقو آھي تھ اسٽور مالڪ اھڙي داو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏين،پر جئين تھ مقامي اسٽور مالڪ شھرين کان واقف ھوندا آھن، جن کي اھڙي عمل کان روڪڻ بھرحال ڏکيو ھوندو آھي.
ان جو ٻيو ممڪن حل اھو آھي تھ ماڻھو پاڻ ايترو باشعور ھجي جو اھو ڊاڪٽر جي مشوري کانسواءِ ڪا دوا نھ وٺي. پر اھو بھ ڏٺو ويو آھي تھ جيڪي ٽڪيون،گوريون، يا انجڪشنون ڪنھن مرض جي لاءِ ھڪ دفعو ورتيون وينديون آھن.ماڻھو ٻيو ڀيرو پنھنجي مرضي سان اھو وٺن ٿا.جيڪو ڪنھن بھ طرح ھاڪاري عمل تھ نھ آھي،پر ھن مھانگائي واري دور ۾ ماڻھو وقت کي ڌڪو ڏيڻ ۽ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ ۽ ان جي في ڀرڻ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
خيرپور ۽ ان جي ڀرپاسي جي شھرين جي شڪايت آھي تھ اتي جي ميڊيڪل اسٽور وارا نشي واريون ۽ نقلي دائون وڪرو ڪري رھيا آھن،جنھن سان عوام کي نقصان ٿي رھيو آھي،شڪايت ۾ اھو بھ چيو ويو آھي تھ ڊرگ انسپيڪٽر پھرين اسٽور مالڪن کي اھڙي اجازت ڏئي ٿو ۽ ان کانپوءِ انھن کي بليڪ ميل ڪري پنھنجو کيسو گرم ڪرڻ بعد وري انھن کي اھڙي عمل کي جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ٿو ڇڏي.اسان سنڌ حڪومت، صحت کاتي، خيرپور جي ضعلي انتظاميھ کي گذارش ڪريون ٿا تھ اھڙي عمل جي روڪ ڪئي وڃي ۽ ان عمل ۾ ملوث انسان دشمن عملدارن خلاف ڪارراوئي ڪري ھن مسئلي کي حل ڪيو وڃي.