ديرا اسماعيل خان ويجهو ڪارروائي، ٻه خوارج مارجي ويا

ديرا اسماعيل خان(م ڊ) ڊي آءِ خان جي علائقي ڪولاچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 خوارج مارجي ويا ۽ هڪ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.  آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن وٽان گوليون ۽ هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا. سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي ڳولا لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.