ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس متاثر، آءِ ٽي صنعت کي نقصان

ڪراچي/ اسلام آباد( ع آ نيوز) مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس اڃا تائين متاثر، آئي ٽي سيڪٽر سخت پريشاني جو شڪار آهي. لاهور کان علاوه مختلف شهرن ۾ انٽرنيٽ جي رفتار سست آهي. آئي ٽي سيڪٽر انٽرنيشنل ڪلائنٽ جي رڪاوٽن جي ڪري سخت متاثر ٿيو آهي، جنهن سان سوشل ميڊيا ايپليڪيشنس فيسبوڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس اپ جون خدمتون متاثر ٿيون آهن. ذريعن موجب صارفين کي تصويرون، وائس نوٽس ۽ وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. صارفين کي وي پي اين ذريعي سوشل ميڊيا ايپليڪيشن استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڪيترن ئي شهرن ۾ صارفين کي سوشل ميڊيا سروس تائين رسائي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.