ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر، هڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جڏهن ته نارٿ ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي پرائيويٽ يونيورسٽي ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ 29 ورهين جو محمد طلحه فوت ٿي ويو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته فوتي جو لاش رڪشا ۾ جناح اسپتال آندو ويو، جتي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته مقتول موٽرسائيڪل تي سوار هو جڏهن ته حادثو ڊمپر جي ٽڪر سبب پيش آيو، جڏهن ته بلوچ ڪالوني پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. هوڏانهن نارٿ ڪراچي چورنگي ويجهو 2 منٽن تي واٽر ٽينڪر ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو، جتي سندن سڃاڻپ 17 ورهين جي عبدالحسيب ۽ 35 ورهين جي حمزا طور ٿي.