ڪراچي/ شڪارپور(نمائندن وٽان ) جماعت اسلامي طرفان شڪارپور ۾ چولستان سميت سنڌو درياهه تي 6 نون ڪئنالن واري حڪومتي فيصلي خلاف ڄامڙا اسٽاپ کان لکيدر تائين سنڌوءَ بچايو سنڌ بچايو پيرين پنڌ مارچ صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت ۾ڪڍيو ويو. 10ڪلو ميٽرن تائين نڪتل مارچ ۾ شريڪ ماڻحن “پاڻي تي ڌاڙو نامنظور، سنڌو دريا سنڌ جي جان آهي، سنڌوءَ تي نوان ڪينال نامنظور” جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا. سندن هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا، جن تي واهن جي منظوري خلاف نعرا لکيل هئا.مارچ ۾ جماعتي ڪارڪنن سميت صحافي توڙي سول سوسائٽي جا نمائندا پڻ شريڪ ھئا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ پيرين پنڌ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي ڪنهن به ملڪ، خطي ۽ کنڊ ۾ رهندڙ جاندار شين جي زندگيءَ جو اهم عنصر هوندو آهي، پاڻيءَ کان سواءِ، جاندار شيون، وڻ، ٻوٽا، پکي ۽ ٻوٽا زمين تي موجود نٿا رهي سگهن، جڏهن ته پاڻي کان سواءِ ڪنهن به ملڪ يا قوم جي ترقي ممڪن ڪونهي. سنڌوءَ درياهه جيڪو صدين کان نه رڳو سنڌ پر گلگت بلتستان کان وٺي پنجاب تائين ڪروڙين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو رهيو آهي، اهو اڄ پاڻي جي سخت کوٽ سبب سڪي رهيو آهي، حڪمران طبقو، اشرافيه ۽ مقتدر قوتون 07 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جي ذريعي مٿان وڌيڪ ڪينال ڪڍي سڄي سنڌ کي “ ٿر” بڻائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، پنجاب جي لکين ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ٺاهڻ جو وفاقي حڪومت جو منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آهي جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو.