ڪامريڊ سوڀو مٽي جو مهان ماڻهو هو، ڪينال رٿا خلاف مزاحمت ڪرڻي پوندي:سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد/ لاڙڪاڻو(رپورٽر) ننڍي کنڊ جي عظيم سماج واد اڳواڻ ڪامريڊ سوڀي گيان چنداڻي کي وڇڙئي 10 ورهيه وهامي  ويا پر حڪومت پاران سندس يادگار يا اسپتال جوڙائڻ لاءِ اڳڀرائي نه ٿي. سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي 10 ھين ورسي ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامھون ملھائي وئي، ورسي تقريب ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي تصوير آڏو گلن جي ورکا ڪري ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ سوڀي جھڙا ڪردار سنڌ ۾ گھٽ پيدا ٿيندا آھن. موھن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنميل ڪامريڊ سوڀي لاءِ ٽئگور چيو ھو ته سنڌ جو لال قلندر سوڀي سنڌ جي ھارين مسڪينن مزدورن ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ جدوجھد ڪئي ھئي.. ھن چيو ته سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به قبول نه ڪندا، وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ جا ماڻھو سخت مزاحمت ڪندا، ھن چيو ته گرين انيشييٽو پاڪستان اسڪيم جي نالي ۾ زمين ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ وارو فيصلو ڪڏھن به قبول نه ڪندا. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آھي، ان کي روڪڻ لاء سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو وڃي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ جاني خاصخيلي چيو ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سرڳ سمان ڌرتيء جو مھان انسان ھو، جنھن سڄي زندگي سنڌ جي ماڻھن لاء جدوجھد ۾ گذاري ڇڏي. ڪامريڊ سوڀو رابندر ناٿ ٽيگور جو اھو شاگرد ھو، جنھن تي ٽيگور پاڻ فخر ڪندو ھو. ھن چيو ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو سنڌو درياھ تي ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي، درياھ تي ڌاڙو ڪڏھن به قبول نه ڪيو ويندو. ڪامريڊ عبداش پنھور چيو ته ڪامريڊ سوڀو ھاري حقدار جدوجھد جو وڏو ڪردار ھو، جنھن سڄي ڄمار نظرياتي سياست ڪئي. تقريب کي ڪامريڊ محبوب حيدر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته تقريب ۾ ڪامريڊ آزاد عالم لاشاري، جبار باغي، قاضي شبير احمد، ڪامريڊ ياسين ۽ ٻيا وڏي انگ ۾ موجود ھئا. لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ جي رهائشگاهه تي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل، ننهن ريکا، ناليواري اديب ۽ دانشور ايڊووڪيٽ امان الله عباسي، اديب ۽ شاعر پروفيسر ڄام جمالي، عيسيٰ ميمڻ، ڪامريڊ ڪريم بلوچ سميت ٻين شرڪت ڪري ڪامريڊ سوڀي جي مجسمي ۽ تصويرن اڳيان گل رکي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سوڀي جي پٽ نرمل گيانچنداڻي جو چوڻ هو ته اڄ بابا جي ڏهين ورسي آهي ۽ 10 سال ائين گذري ويا ڪا خبر ئي نه پئي ڄڻ ته بابا جو وڇوڙو ڪالهه جي ڳالهه آهي. هن چيو ته بابا جو يادگار جوڙائڻ توڙي اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت يا ثقافت کاتي اسان سان ڪو به سهڪار ناهي ڪيو ۽ اسان کي آسرو به ڪونهي پر اسان بابا کي وساريو ناهي. ڪامريڊ سوڀي جي ننهن ريکا چيو ته بابا پل پل ياد ايندو رهندو آهي، بابا جي وڇوڙي کان پوءِ اسين سڀ کيس روز ياد ڪندا آهيون. ايڊووڪيٽ ڊاڪٽر امان الله عباسي چيو ته مان خوشنصيب آهيان جو مان سوڀي سان گڏ رهي ان کان ڪافي گهڻو ڪجهه پرايو اڄ جيڪو ڪجهه اسين پڙهي ۽ لکون ٿا ان قلم کي سڌو ڪري دڳ ئي سمجهائڻ ۾ سوڀي جا نه صرف اسان پر پوري سنڌ ۽ معاشري تي احسان آهن جيڪي ورهين تائين وساري نه سگهبا. پروفيسر ڄام جمالي چيو ته عملي طور تي ڪامريڊ هو جنهن کي ٽئگور مين آف موهن جو دڙو جو لقب ڏنو پر مان کيس اسٽرانگ مين آف لاڙڪاڻو چوندس ڇاڪاڻ ڪامريڊ سوڀو جيڪي انقلابي قدم کنيا ۽ ان جو جيڪو انقلابي تصور ۽ خيال هيو ان تي هو آخري گهڙي تائين قائم رهيو ۽ سچائي توڙي ارڏائي کان پاسيرو نه ٿيو. هميشه مذهب، ذات ۽ پات کان مٿانهون ٿي انسانيت جي ڳالهه ڪئي. عيسيٰ ميمڻ چيو ته ڪامريڊ سوڀي برصغير ۾ ترقي پسند سياست جا بنياد رکيا، هن مزدورن جي تحريڪن کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، خاص طور مصنفين ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ٺاهڻ ۾  به ڪامريڊ جو وڏو ڪردار هيو. اڄ ڏهين ورسي جي موقعي تي اسين ڪامريڊ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سڀئي گڏ ٿيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.