نوشهروفيروز ۾عوامي تحريڪ جي سڏ تي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مظاهرو

نوشهروفيروز ( ن ع آ ) سنڌ جي زمينن تي قبضن، پاڻي تي ڌاڙن ۽ لاقانونيت خلاف عوامي تحريڪ طرفان نوشهروفيروز فيروز ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي،  22 ڊسمبر تي سکر ۾ اعلانيل ريلي لاءِ سکر ۾ تياري ڪميٽي جو اجلاس به ڪوٺايو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، گرين پاڪستان جا منصوبا مظلوم قومن کان پنهنجي ڌرتي ڦرڻ جي سازش آهن، هن چيو ته 6 نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياهه جو قتل ڪيو پيو وڃي، وفاق پيپلز پارٽي جي سهڪار سان سنڌ جون زمينون، وسيلا ۽ درياهه غيرملڪي ڪمپنين کي وڪرو ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.