ڪشمور ضلعي ۾ حڪومت لاءِ چئليج بڻجي ويل ڌاڙيل

ڪنھن بھ سماج ۾ امن امان بنيادي معاملو ھوندو آھي.جنھن کي سنڌ سرڪار مڪمل طور نظرانداز ڪري ٿي ڇڏي.جنھن ڪري عوام بي يار و مددگار ٿي ويو آھي. اھو ڪنھن بھ ريت ڪو نئون معاملو نھ آھي، پر حيرت جي ڳالھھ آھي تھ حڪومت ھن بنيادي ۽ اھم مسئلي کي حل  ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن بھ سطح تي ڪو قدم کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ھڪ جمھوري نظام ۾ حڪومت مان عوام کي جان مال ۽ عزت جي تحفظ جي اميد ھوندي آھي، جيڪڏھن ڪا بھ حڪومت ان ۾ ناڪام ٿئي ٿي تھ ان جو سماج تي تمام گھڻو ناڪاري اثر پئجي ٿو.جيڪڏھن ڏسجي تھ اتر سنڌ خاص ڪري ڪشمور ۾ ڌاڙيل حڪومت جي لاءِ چئلينج بڻجي ويا آھن.اھا عجيب ڳالھه نھ آھي تھ اتر سنڌ جي ضلعن ۾ ڌاڙيل ڏينھن توڙي رات جو بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي ماڻھون اغوا ڪندا ٿا رھن ۽ حڪومت انھن جي بازيابي لاءِ ڪنھن بھ سطح تي ڪي بھ اثرائتا تھ ٺھيو پر رواجي اپاءُ وٺڻ جي لاءِ بھ تيار نھ آھي.

ڪڏھن بھ اغوا جي وارداتن ۾ ڪا ڪمي نھ آئي آھي پر تازو ڪشمور مان وڌيڪ ٻن ڄڻن جي اغوا بعد مغوين جو انگ 8 ٿي ويو آھي. ياد رکڻ گھرجي تھ ھي اھو انگ آھي جيڪو رڪارڊ تي آھي، پر ممڪن آھي تھ مغوي ان کان وڌيڪ ھجن، ڇاڪاڻ جو اڪثر ماڻھن جو پوليس ۽ حڪومت جي لاڳاپيل ادارن تان ويساھ کڄي ويو آھي ان ڪري اھڙي ڪيترائي ڪيس ٿين ٿا، جنھن ۾ مغوي يا انھن جا وارث اختيارين وٽ دانھن ڪرڻ بدران ان معاملي کي راڄوڻي طريقي سان حل ڪرڻ ۽ مغوي پڻ ان پراڻي رواج موجب واپس ڪرايا وڃن ٿا.

اغوا جي تازي وارداتن موجب  ڪشمور جي آرڊي 82 پل واري علائقي ۾  رات ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيڻ دوران 2 پورھيتن جمعو خان گولو ۽ ولايت گولو کي ھٿياربند اغوا ڪري ڪچي ڏانھن کڻي ويا آھن.ان سان رڪارڊ تي آيل مغوين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آھي. ان کان اڳ ڪشمور جي رائيس مل تان راجيش ڪيسواڻي ،ڊکڻ بنگلو مان غلام حسين دستي، آصف دستي، نائچ ڳوٺ ڀرسان ھوٽل تان ٽرڪ ڊرائيور عبدالطيف پٺاڻ، ظھير چاچڙ سميت 8 ڄڻن کي ڌاڙيل اغوا ڪري چڪا آهن.

مغوين جي وارثن  الزام ھنيو آھي تھ ڪشمور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪو بھ عملي اپاءَ نھ ورتو آھي. ٻئي پاسي ڪشمور پوليس گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ خالي سرچ آپريشن جي نالي تي پوليس بڪتربند گاڏين جا فوٽو سيشن ڏيکاري مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جي دعویٰ ڪري رهي آهي. مغوي بڻيل 8 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن، ڪشمور جي ڪچي جا ڌاڙيل مغوين جي بازيابي عيوض پوليس کان ڀنگ جي رقم سميت ساٿين ۽ سندن مائٽن جي آزادي جو مطالبو ڪري رهيا آهن.

ڪنھن بھ حڪومت جو اصل ڪم عوام جي زندگيءَ جي معيار کي بھتر بڻائڻ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ قانون موجب عام ماڻھون کي حق ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ ئي ھوندو آھي.پر بدقسمتيءَ سان ھر  ڌر کي رڳو ووٽ وٺڻ عوام ياد ھوندو آھي ۽ ان وقت  وڏا وعدا ڪيا ويندا آھن پر اقتدار ملڻ بعد انھن کي وساري ويھي ٿي رھي.ڪنھن ننڍڙي عدالت ۾ بھ ثابت ڪري ٿو سگھجي تھ ھن وقت عوام ڌاڙيلن جي آزار، بدامني، مھانگائي ۽ بيروزگاي سبب تنگ اچي ويو آھي.جنھن جو اصل سبب ھي آھي تھ حڪومت کي عوام جي مسئلن ۾ ڪابھ دلچسپيءَ نھ آھي.مھانگائي ماڻھن جو رت ست  نپوڙي ڇڏيو آھي غربت وڌي  آھي ۽ عوام  جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ھيٺ ڪرندو پيو وڃي. بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ماڻهن کي سخت متاثر ڪيو آهي.جنھن ڪري  غربت جي لڪير کان هيٺ گھاريندڙن جي انگ ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿي رھيو آھي.سماج ۾ اھڙي اڻ برابري جنم وٺڻ سان سموري سماجي سسٽم جو توازن بگاڙ جو شڪار ٿي ويو آھي.پر اسان جو اختياريون انھن اھم ۽ بنيادي معاملن ڏانھن گھربل ڌيان ڏيڻ ۽ ان جي حل لاءِ ڪي بھ عمل جوڳا منصوبا جوڙڻ کان  منھن موڙي ويٺيون آھن.

سنڌ ۾ امن بنيادي مسئلو آھي.جيڪڏھن حڪومت انتھاپسندن اڳيان جھڪيل آھي، ڏوھارين وٽ بيوس آھي تھ پوءِ حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو حڪومت ڪرڻ جو اخلاقي جواز وڃائي ٿا ويھن.سياست ۾ دلچسپيءَ رکندڙ حلقن  جو چوڻ آھي تھ سياست  گول دائري ۾ گھمي رھي آھي،جنھن مان نڪرڻ جو ڪو رستو نھ پيو ملي.

عام ماڻھو  جي صورتحال ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ وڌيڪ خراب ٿي رھي آھي.حڪومت عوام کي ٻيو ڪو تھ رليف نھ ڏئي سگھي آھي پر ھاڻي بدامني  وڌڻ جي ڪري ماڻھن جي زندگيءَ  اڳي کان وڌيڪ ڏکي بڻجي رھي آھي.

سنڌ ۾ ھڪ مڪمل حڪومت آھي.جيڪا ھڪ عرصي کان ماڻھن جا بنيادي معاملا حل ڪرڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي رھي آھي، ھاڻي تھ سنڌ جو ماڻھو بدامني سبب روز احتجاج ڪري رھيو آھي.پر حڪومت ۽ علائقي جي انتظاميھ ان ڏانھن ڪو ڌياڻ ڏيڻ، انھن جي مسئلن کي سمجھڻ ۽ انھن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪو بھ قدم نھ پئي کڻي.جنھن سان ماڻھن ۾ ويتر مايوسي وڌي رھي آھي.جنھن جو مجموعي طور تي سموري سماج تي اثر پوڻ لازمي امر آھي.جيڪڏھن ڏٺو وڃي تھ سنڌ جو ماڻھون ٻٽي ظلم جو شڪار آھي، ھڪ تھ ڌاڙيلن،چورن ۽ ڦورن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آھي ٻيو تھ حڪومت ڪنھن بھ سطح تي اھو احساس ڏيارڻ ۾ ڪامياب نھ ٿي آھي تھ اھا عوام جو ڀرجهلو آھي.سنڌ جي اختيارين کي اتر سنڌ خاص ڪري ڪشمور ۾ روزبروز ٿيندڙ اغوا جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ ڪي ٺوس ۽ عملي قدم کڻڻ گھرجن جنھن سان ماڻھن کي ظالم ڌاڙيلن جي ظلم کان بچائي سگھجي. ھن حساس معاملي ڏانھن جوڳو ڌيان ڏئي ڪري عوام سنڌ جي ماڻھن کي امن ڳولي ڏيڻ گھرجي جيئن اھي ھن ايڪھين صديءَ ۾ جئيڻ جي حق کان محروم نھ رھجي وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.