سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊ، بئريسٽر سرفراز ميتلو صدر چونڊجي ويو

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو ساليانو اليڪشن ٿي گذريو  جنهن ۾ اليڪشن  ڪمشنر ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي جلباڻي مقرر ٿيل هو،  ووٽن جو عمل صبح 9 وڳي شروع ٿيو جيڪو 6 وڳي تائين جاري رهيو، ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني اليڪشن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو، صدارتي سيٽ تي بئريسٽر سرفراز علي ميتلو 2971 ووٽ کڻي ملھه ماري ويو ، محمد حسيب جمالي  2254 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، نائب صدر جي سيٽ تي محمد راهب لاکو 1736 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي، نائب صدر لاءِ اياز الدين قريشي 1338 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو، جنرل سيڪريٽري جي سيٽ تي مرزا سرفراز احمد 1850 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، خليل احمد 1248 ووٽ کڻي ٻئين نمبر تي رهيو، خزانچي جي سيٽ تي اطهر علي 2255 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، تيمور علي مرزا 1884 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، جوائنٽ سيڪريٽري جي سيٽ تي وسيم سيف کوسو 1657 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، ظفر حسين 1100 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو، عورتن جي ايڊيشنل جوائنٽ سيڪريٽري جي سيٽ تي فائقه امين 3018 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي،  سارا ڪنول 2057 ووٽن سان ٻئي نمبر تي رهي، مئنيجنگ ڪميٽي جي 9 سيٽن تي صفيه قادر، عامر لطيف، زاهده ڪمال علوي، عامر کوسا، رضوان علي راڄپر، محمد فيصل خان، عروج اخلاق، ديوان تارا چند ۽ عبيدالله ابڙو ڪامياب ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.