حڪومت کي هڪ ڏينهن جي مهلت، اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪاموراشاهي تي اعتبار ناهي: فضل الرحمان

نوشهره (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته توهان اسان جي مدرسن کي شدت پسندي ۽ انتهاپسندي ڏانهن ڌڪي رهيا آهيو پر اسان صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون، بيوروڪريسي  ۽ اسٽيبلشمينٽ جيترا چاهي همدردي جا لفظ استعمال ڪن، اسان انهن تي اعتبار نٿا ڪريون، نوشهره ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ فتنو الحاق جو آهي ۽ ٻيو ارتداد جو آهي، انهن فتن کي روڪڻ مدرسن جو ڪم آهي، پر مدرسن کي مجبور ڪرڻ لاءِ دٻاءُ ۾ رکيو پيو وڃي،  هنن چيو ته اسان چئون ٿا ته مدرسا رجسٽر ڪريو پر هي نه ٿا ڪن، اسان چئون ٿا ته اسان جا بئنڪ اڪائونٽ کوليو، اسان رياستي نظام ۾ رهڻ چاهيون ٿا پر هي نٿا ڪن، مدرسن کي تباهه ڪيو ويو آهي، اسين انهن کي آزاد ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسين دهشتگرد پيدا نه ڪري رهيا آهيون، اها جنگ آهي ۽ اسان مذهبي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اوهان اسان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي سامهون اچي ويو آهي ۽ اسان ثابت قدم آهيون، اسان پڙهي چڪا آهيون ته اسان کي قيامت تائين اسلام لاءِ وڙهڻو آهي ڇو ته اسان کي جنت ۾ وڃڻو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان بندوق وارو ڏنڊو نه کنيو آهي، دليلن سان ڳالهايون ٿا، توهان 56 مان 34 شقن تان دستبردار ٿي ويا، اسان ڳالهين کان انڪار نه ڪيو، پر جيڪڏهن اسان مايوس ٿي وياسين ته ٻڌائينداسين ته توهان جو دٻاءُ ڪم ڪري ٿو يا اسان جو، اهڙي سوچ وارا بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا، هن صاف صاف چيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو نه سمجهندا ته سڀاڻي اسرائيل مرده ڪانفرنس ۾ انهن کي به مرده باد چونداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.