ڪشمور (رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي )ڪشمور ٿاڻي جي حد مان وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا مغوين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو، ڪشمور جي آرڊي 82 پل واري علائقي ۾ گذريل رات ڪڻڪ جي فصل کي پاڻي ڏيڻ دوران 2 پورھيتن جمعو خان گولو ۽ ولايت گولو کي ھٿياربند اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ فرار ٿي ويا جنهن بعد مغوين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو ان کان اڳ ڪشمور جي رائيس مل تان راجيش ڪيسواڻي ،ڊکڻ بنگلو مان غلام حسين دستي، آصف دستي، نائچ ڳوٺ ڀرسان ھوٽل تان ٽرڪ ڊرائيور عبدالطيف پٺاڻ، ظھير چاچڙ سميت 8 ڄڻن کي ڌاڙيل اغوا ڪري چڪا آهن ڪشمور پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به عملي طور اپاءَ ناھن ورتا مغوين جي وارثن آئي جي سنڌ کان گھر ڪئي آهي ته فل فور بازياب ڪرايو وڃي ٻئي پاسي ڪشمور پوليس گيھلپور ڪچي واري علائقي ۾ خالي سرچ آپريشن جي نالي تي پوليس بڪتربند گاڏين جا فوٽو سيشن ڏيکاري مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جا دعویٰ ڪري رهي آهي مغوي بڻيل 8 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل آهن ، ڪشمور جي ڪچي جا ڌاڙيل مغوين جي بازيابي عيوض پوليس کان ڀنگ جي رقم سميت ساٿين ۽ رشتيدارن جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪري رهيا آهن.
-
احسان مزاري جي آءِ سنڌ سان ملاقات،ڪشمور ضلعي ۾ بدامني تي ڳڻتي ظاهر
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي بين الصوبائي رابطن ۽ ڪوآپريٽو کاتي بابت صلاحڪار احسان الرحمان مزاري ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سان سندس آفيس ۾ اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احسان الرحمان مزاري پنهنجي تڪ ۾ ڏوهن جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري ۽ ٺوس قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پوليس کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ موثر ڪاروايون ڪرڻ گهرجن. آءِ جي سنڌ کيس يقين ڏياريو ته ڪشمور ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ بهتر قدم کنيا ويندا.