ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ 8 هنڌن تي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي داخلا ٽيسٽ اڄ ورتي ويندي جنهن لاءِ امتحاني مرڪزن جي ڀرپاسي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. گهرو کاتي جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ٽيسٽ مرڪزن ۾ ڊجيٽل ڊوائس، موبائل فون، ليڊيز پرس آڻڻ تي بندش آهي. اڻ لاڳاپيل ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ تي به پابندي هوندي. ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي يونيورسٽي، پبلڪ اسڪول حيدرآباد، پوليس ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو، پبلڪ هيلٿ اسڪول حيدرآباد، آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر، قائد عوام يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ورتي ويندي.